ڪراچي: پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي  سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ايم پي اي  فردوس شميم نقوي چيو ته اسان ڪراچي جي ميئر لاءِ ڪنهن سان به اتحاد نه ڪنداسين. پي ٽي آءِ کي ليڊ نه ملي ته جماعت اسلامي کي غير مشروط طور سپورٽ ڪنداسين، اسان پ پ کي سنڌ دشمن جماعت سمجهون ٿا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ ناهي. هوڏانهن  پي ٽي آء سنڌ جي صدر علي زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  ته ڪراچي ۾ بدمعاشي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اميدوارن جا نتيجا روڪي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، اسانجا کٽيل نتيجا تبديل ڪيا ويا،  اسان مڪاني اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته  اسانجي 2 ايم پي ايز تي تشدد ڪري  کين گرفتار ڪيو ويو اسانجا کٽيل نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر بلال غفار چيو ته اسان ڪراچي جي 70يوسين تي کٽيو آهي، آر او پاران جاري ڪيل رزلٽ پي ٽي آءِ کي مليل فارم11 کان مختلف آھي، اسان ڌانڌلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪنداسين