حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو ۽ امتياز کوسو) اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جا مڪمل نتيجا 48 ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود پڌرا ڪري نه سگهي، غير حتمي طور 160 يونين ڪاميٽين مان 153 جي نتيجن موجب پيپلزپارٽي جا اميدوار 94 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ڪامياب ٿيا، پي ٽي آءِ مختلف ٽائونز مان 41 ٻهاري وئي، آزاد اميدوارن کي 15 يونين ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ڪاميابي ملي، ٽي ايل پي 3 ۽ جماعت اسلامي هڪ سيٽ حاصل ڪئي، 7 يونين ڪميٽين جا نتيجا اڃا ظاهر نه ٿي سگهيا آهن. پڌرا ٿيل نتيجن مطابق حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي 94 يونين ڪميٽين تي ڪاميابي ماڻي ميئر چونڊرائڻ جي واضح پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. لطيف آباد جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ پيپلزپارٽي کي 18 يونين ڪميٽين مان هڪ به يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ ملي نه سگهي. پريٽ آباد ٽائون ۾ پ پ رڳو هڪ يونين ڪميٽي جي چيئرميني ۽ وائيس چيئرميني حاصل ڪري سگهي. پي ٽي آءِ پريٽ آباد ٽائون ۾ 14 ۽ شاهه لطيف ٽائون ۾ به 14 سيٽون حاصل ڪيون. ٽنڊو فضل ٽائون جي 17 يونين ڪميٽين مان 14 يونين ڪميٽين، ٽنڊو ڄام جي 16 يونين ڪميٽين مان 13 يونين ڪميٽين ۽ قاسم آباد کي مڪمل طور سوئيپ ڪندي 18 يونين ڪميٽين تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جماعت اسلامي کي شاهه لطيف ٽائون مان هڪ سيٽ ملي. ٽي ايل پي پريٽ آباد، نيرون ڪوٽ ۽ شاهه لطيف ٽائون مان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي. 5 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي اميدوارن جي موت سبب چونڊون ملتوي ٿيل آهن. ٻئي پاسي  قاسم آباد ٽائون جون يونين ڪميٽيون شهر ۾ هوندي به اليڪشن ڪميشن 48 ڪلاڪن دوران به مڪمل نتيجا ظاهر ڪري نه سگهي. ابتدائي نتيجن مطابق قاسم آباد ٽائون جي 18 ئي يونين ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمنين تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيل آهن.