ڪراچي/ملير  (رپورٽ: نظير ميمڻ ۽ ناز شر) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي 235 يوسيز تي ٿيل مڪاني چونڊن جا نتيجا 30 ڪلاڪن کانپوءِ پڌرا ڪري ڇڏيا، پ پ 93 سيٽون کڻي 50 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ ٻيهر جيالو ميئر چونڊرائڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي، جڏهن ته جماعت اسلامي 86 سيٽون کڻي ٻئي ۽ تحريڪ انصاف 40 سيٽون  کڻي ٽئين نمبر تي ڪاميابي ماڻي، مڪاني چونڊ ۾ نواز ليگ 7، جي يو آءِ  3 ۽  ٽي ايل پي2  ۽ مهاجر قومي موومينٽ ( حقيقي) رڳو هڪ سيٽ تي سوڀ ماڻي، انهي چونڊ ۾3 آزاد اميدوار به  ڪامياب ٿي ويا آهن، انهي کان اڳ  جماعت اسلامي جي ڪارڪنن  نتيجن ۾ دير  ٿيڻ تي احتجاج پڻ ڪيو هو، ڪورنگي ۾ ڊي آر او آفيس ٻاهران جماعت اسلامي جي احتجاج جو اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان نوٽيس وٺي  پاڻ ڪورنگي ۾ ڊي آر او آفيس پهچي جلد نتيجا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن اليڪشن  ڪميشن  مٿان پيپلز پارٽي اميدوارن کي کٽرائڻ جا الزام پڻ هنيا  هئا، رات دير سان نتيجا اچڻ بعد جماعت اسلامي جي ڪارڪنن  شاهراهه  فيصل تي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو هو، ٻئي طرف جماعت اسلامي  ڪرا چي جي امير  حافظ نعيم  جو چوڻ هو ته  اليڪشن ڪميشن  نتيجا ڏنا، هاڻ اسان انهن کي چيلنج ڪنداسين، اسان کي هٿ وٺي هارايو ويو آهي، جاري ٿيل چونڊ نتيجن  تي پ پ سان ڳالهيون نه ٿينديون،  رات دير سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فارم 11 ۾ لکيل نتيجن ۽ 13 جي نتيجن ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي آهي 10 يونين ڪائونسلز جي نتيجن ۾ ڪيل ھيرا ڦيري خلاف اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني آھي، هوڏانهن جماعت اسلامي مرڪز  اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج  جو سڏ ڏنو آهي، جڏهن ته اڄ منصوره ۾ جماعت جو مرڪزي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لائح عمل جوڙيو ويندو، ٻئي طرف پي ٽي آءِ  سنڌ جي صدر علي زيدي وري ڌانڌلين جا الزام هڻي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، هوڏانهن ملير جي 30 يونين ڪاميٽين مان پيپلز پارٽي 20 ، تحريڪ انصاف 4، جماعت اسلامي 3، نوازليگ  2 ۽ آزاد اميدوار هڪ سيٽ تي سوڀ ماڻي، ان ڏس ۾ هڪ يوسي تي پ پ اميدوار جوڙي جي بنا مقابلي ڪاميابي بعد ملير جي 30 مان 29 يونين ڪاميٽين تي ٿيل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 19، تحريڪ انصاف 4، جماعت اسلامي 3، نواز ليگ  2 ۽ هڪ آزاد اميدوار سوڀارا ٿيا،اليڪشن ڪميشن ملير پاران ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن ۾ گڏاپ ٽائون جي يوسي 1 لاءِ  چيئرمين تي مبارڪ گبول ۽ وائس چيئرمين جان محمد جوکيو، يوسي 2 گهگهر  تي چيئرمين محمد اڪبر ڪلمتي ۽ وائيس چيئرمين عبدالستار جوکيو، يوسي 3 پپري تي چيئرمين عظمت الله لُنڊ ۽ وائيس چيئرمين علي محمد گبول، يوسي 5 اسٽيل ٽائون تي چيئرمين رضا جتوئي ۽  وائس چيئرمين  امن دين جوکيو، يوسي 6 صالح محمد تي چيئرمين محمد انور بلوچ ۽  وائيس چيئرمين طارق عزيز بلوچ، يوسي 7 مراد ميمڻ  تي چيئرمين محمد سليم ميمڻ ۽  وائيس چيئرمين سلمان عبدالله مراد، يوسي 8 درساڻو ڇنو تي چيئرمين نبي بخش پالاري ۽  وائيس چيئرمين غلام مرتضيٰ بلوچ، يوسي 9 شاهه مريد تي چيئرمين شاهجهان خاصخيلي ۽ وائيس چيئرمين محمد رفيق جوکيو، يوسي 4 گلشن حديد تي جماعت اسلامي جي  چيئرمين جاويد اقبال ۽  وائس چيئرمين محمد خان، ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي 1 چوڪنڊي تي چيئرمين عبدالرشيد پنهور ۽ وائيس چيئرمين منظور احمد عارفاڻي، يوسي يوسي 3  ڀينس ڪالوني تي  چيئرمين جاويد اقبال ۽ وائيس چيئرمين عبدالستار حمائتي، يوسي 7 شير پائو تي چيئرمين شير احمد اعواڻ ۽  وائيس چيئرمين نعيم عباسي، يوسي 8 تي ابراهيم حيدري تي چيئرمين حيدر علي ڄاموٽ ۽  وائيس چيئرمين جان عالم ڄاموٽ، يوسي 9 چشما تي چيئرمين عمران يوسفزئي ۽ وائيس چيئرمين  نذير احمد ڀٽو، يوسي 10 ريڙهي ڳوٺ تي چيئرمين ابراهيم موساڻي تي  وائس چيئرمين رفيق دائود جت،  يوسي 11 علي اڪبر شاهه تي چيئرمين رفيق الحسيني  ۽ وائيس چيئرمين عظيم بلوچ، يوسي 4 مجيد ڪالوني تي آزاد  پينل جي چيئرمين محمد فيروز خان ۽  وائيس چيئرمين سيف عبدالله، يوسي 6 مسلم آباد تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين طارق شمسي ۽ وائيس چيئرمين محمد فاضل ، يوسي 5 مظفر آباد ڪالوني تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عبدالوحيد، يوسي 2 شاهه لطيف تي جماعت اسلامي جي چيئرمين خواجا محمد ۽ وائيس چيئرمين محمد امين، ملير ٽائون جي يوسي 1غريب آباد تي  چيئرمين علي نواز پريل ۽ وائيس چيئرمين محمد رياض بلوچ، يوسي 2 غازي دائود بروهي تي چيئرمين محمد نواز بلوچ ۽  وائيس چيئرمين جان محمد بلوچ، يوسي 4 خلد آباد تي چيئرمين ارشاد علي شر ۽ وائيس چيئرمين مزمل شاهه، يوسي 7 فيوچر ڪالوني تي چيئرمين ملڪ حڪيم ۽ وائيس چيئرمين اقبال الدين، يوسي 8 شرافي تي چيئرمين حسن بلوچ ۽  وائس چيئرمين نظر محمد بلوچ،  يوسي 9 بختاور ڳوٺ تي چيئرمين صابر مگسي ۽  وائيس چيئرمين ابراهيم سومرو، يوسي 10 ڀٽائي آباد تي چيئرمين چوڌري افتخار ۽  وائس چيئرمين اي ڊي سومرو، جڏهن ته ٻين پارٽين جي اميدوارن يوسي 5 تي قائدآباد تي چيئرمين محمد افضل، يوسي 6 دائود چورنگي تي جماعت اسلامي جي چيئرمين محمد بشير ، يوسي 3 جعفر طيار تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عاصم حيدر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو،واضح ر هي ته يونين ڪاميٽي ريڙهي تان پيپلز پارٽي جو ابراهيم ننهو چيئرمين ۽ رفيق دائود جت وائيس چيئرمين طور  بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهن، هوڏانهن  پ پ لياري ٽائون مان به وڏي ليڊ سان ڪاميابي ماڻي ورتي هئي.