اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جِي برطرفي لاءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جانبدار ٿي چڪو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل کان استدعا آهي ته کيس عهدي تان هٽايو وڃي. ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران 123 قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفا ڏني جنهن جي اليڪشن ڪميشن منظوري نه ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر پاران مرحليوار استعيفائن جي منظوري مخصوص سياسي پارٽي کي فائدو پهچائڻ آهي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪمشنر پنهنجو حلف وساري ويٺو آهي، فارين فنڊنگ جي حوالي سان 17 پارٽين جي گڏيل اسڪروٽني جي درخواست ڪئي چيف اليڪشن ڪمشنر ٻين پارٽين جا ڪيس التوا ۾ رکيا پي ٽي آءِ جو فيصلو ڏنو، چيف اليڪشن ڪمشنر ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي نه ڪيو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ملتوي ڪيو.