اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سنڌ ۽ وفاقي حڪومت آخرڪار ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ ۾ ڪامياب، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان غور ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت جي موقف پڻ غور هيٺ آندو ويو. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي موقف ۽ موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، سنڌ حڪومت ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي اڪثر پولنگ اسٽيشنز يا حساس يا انتهائي حساس آهن، سنڌ حڪومت 16 هزار پوليس نفري جي کوٽ سبب اليڪشن 3 مهينن تائين ملتوي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز جي مقرري ذريعي 16 هزار 785 پوليس اهلڪارن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ گذريل ڏينهن گهرو سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي وئي، گهرو وزارت کي پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو چيو هو، گهرو وزارت آگاهه ڪيو ته پوليس نفري جي کوٽ سبب فوج ۽ رينجرز پولنگ اسٽيشنز تي ڊيوٽي نٿا ڏئي سگهون، اليڪشن ڪميشن موجب لکت ۾ ٻڌايو ويو ته فوج ۽ رينجرز ڪوئيڪ رسپانس فورسز طور موجود هوندي، تنهنڪري اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ڇو ته چونڊ پرامن نموني سان ٿيڻ ۽ ووٽرن جو تحفظ اليڪشن ڪميشن جي پهرين ترجيح آهي. ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿيڻيون هيون، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ چونڊن بابت 15 ڏينهن بعد ٻيهر اجلاس ٿيندو، جنهن ۾  بلدياتي چونڊن بابت نئين تاريخ جو فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ٽيون ڀيرو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، 24 جولاءِ تي اعلانيل مڪاني چونڊون 20 جولاءِ تي برساتن جي ڪري ملتوي ڪري 28 آگسٽ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 28 آگسٽ واري تاريخ به تبديل ڪري 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ان کان اڳ 26 جون تي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سکر، لاڙڪاڻو، بينظيرآباد، ميرپورخاص ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ٿيون هيون.