ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ڪراچي ۾آچر تي رٿيل مڪاني اليڪشن  ملتوي ٿيڻ  خلاف جماعت اسلامي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ  ۽ سڀاڻي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه اداره نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ  نعيم الرحمان چيو ته پ پ ۽ متحده جي فرمائش تي اليڪشن ملتوي ڪري جمهوريت جي نرسري تي راتاهو هنيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پوليس اهلڪار نه هجڻ جو ڊرامو پئي ڪري، اسان خط لکيو ته ٻڌايو ته ڪهڙا ڪهڙا اهلڪار ٻوڏ جي حوالي سان اندورن سنڌ اماڻيا آهن؟ پوليس پاران هڪ به نالو ناهي آيو، هن چيو ته جماعت اسلامي کان خوفزده ٿي مڪاني اليڪشن ملتوي ڪئي وئي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي آئين اختيار ڏنو آهي ته هو مڪاني اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فوج سميت ڪنهن به اداري کي گهرائي سگهي ٿو  اسان اهڙي فيصلي خلاف 25 آڪٽوبر تي عدالت ۾ لڳل ڪيس ۾ به موقف رکنداسين، سڀاڻي 20 آڪٽوبر تي احتجاج ڪنداسين، جڏهن ته21 آڪٽوبر تي عورتن جو ڪنوينشن ٿيندو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ  ايم پي اي  خرم شير  زمان پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آهي ته مڪاني چونڊ ملتوي ڪري توهين عدالت ڪئي وئي، هن چيو ته متحده کي رڳو وزارت کپي، اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيو