پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي تاريخ وري تبديل، ڪارڻ ڪهڙا..؟

0
206
پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان مسرت جمشيد چيما جو چوڻ آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل سبب لانگ مارچ جي تاريخ اربع کان خميس تائين تبديل ڪئي وئي آهي

لاهور جي زمان پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو ته خميس کان مارچ ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو حتمي آهي

ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اعلان ڪيو هو ته لانگ مارچ اڱاري تي وزيرآباد کان ٻيهر شروع ٿيندو، پر پوءِ عمران خان چيو ته لانگ مارچ اڱاري کان نه پر اربع کان شروع ٿيندو

Former Pakistan PM Khan Welcomes Probe into Shooting | Asharq AL-awsat

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي لانگ مارچ خميس کان شروع ٿيندو، ان کان اڳ هن چيو هو ته عمران خان جي هدايت تي اڱاري کان لانگ مارچ شروع ٿيندوجيڪو هاڻي خميس کان شروع ڪيو ويندو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته لانگ مارچ ان ئي هنڌ تان ٻيهر شروع ڪيو ويندو جتي عمران خان تي قاتلاڻو ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو