راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو

0
257
عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو
راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تي قتل جي سازش جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو
عمران خان صدر عارف علوي کي خط لکي ٻڌايو آهي ته وفاقي گهرو وزير مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي
خط ۾ عمران خان چيو آهي ته جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، تڏهن کان قوم منهنجي سڏ تي موٽ ڏئي رهي آهي
هن لکيو ته اسان ڪوڙن ڪيسز، هراسمينٽ، بناجواز گرفتارين ۽ تشدد جهڙن ٽڪساٽن کي منهن ڏئي رهيا آهيون
عمران خان صدر کي اپيل ڪئي آهي ته رياستي سربراهه جي حيثيت سان قومي سلامتي سان واڳيل معاملن جو نوٽيس وٺي
عمران خان خط ۾ ڄاڻايو آهي ته صدر کي جمهوريت ۽ آئين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، ڪوبه فرد يا ادارو آئين ۽ قانون کان مٿي نه آهي

ھي به پڙھندا

آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

عمران خان کي اي ڪي فورٽي سيون جي گولي لڳي: بابر اعواڻ جي دعويٰ

ڪارڪن اڄ رات کان اسلام آباد جا رستا بند ڪندا: پرويز خٽڪ جو اعلان

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج پاران عمران خان جي درخواست ٻڌڻ کان معذرت