ويرات ڪوهلي ۽ ندا ڊار پليئر آف دي منٿ قرار

0
258
ويرات ڪوهلي ۽ ندا ڊار

دبئي(اسپورٽس نيوز) قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ندا ڊار آءِ سي سي ويمن پليئر آف دي منٿ هئڻ جو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو

پاڪستان جي آل رائونڊر ندا ڊار کي آڪٽوبر جي مهيني ۾ بهترين پرفارمنس تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو. هوڏانهن ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي آڪٽوبر جي مهيني جي پرفارمنس جو ايوارڊ کٽي ورتو

آءِ سي سي آڪٽوبر جي مهيني جي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪيو جيڪو ڀارت جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي نالي رهيو. زمبابوي جي سڪندر رضا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڊيوڊ ملر کي به ان ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو