پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل اسلام آباد مان گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل

0
274

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد تصديق ڪئي آهي ته شهباز گل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي

مراد سعيد ٻڌايو ته شهباز گل جي گاڏي جا شيشا به ٽوڙيا ويا آهن ۽ ڊرائيور کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري ان حوالي سان ٻڌايو ته شهباز گل کي بني گالا چوڪ تان بغير نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ سوار ماڻهن اغوا ڪيو آهي

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل خلاف ادارن خلاف بيان بازي ۽ عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته ته ان کان به شهباز گل کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن کي هڪ ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو هو