شهباز گل ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
249

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

ڊاڪٽر شهباز گِل کي اسلام آباد ۾ ڊيوٽي جج عمر شبير آڏو پيش ڪيو ويو، پوليس جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته شهباز گل جي وڪيل پوليس جي استدعا جي مخالفت ڪئي

عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، اسلام آباد پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس صحافين کي ڪووريج کان به روڪيو

عدالت پوليس ۽ شهباز گل جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جسماني رمانڊ جي استدعا منظور ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو

عدالت ڪوهسار پوليس کي جمعي جي ڏينهن شهباز گل کي ٻيهر پيش ڪرڻ ۽ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي

پوليس عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار شهباز گل کان موبائيل فون هٿ ڪرڻي آهي، جوابدار جنهن پرچي تي ڏسي ڳالهائي رهيو هو، اُها به هٿ ڪرڻي آهي

شهباز گل تي ڪوهسار ٿاڻي تي بغاوت ۽ غداري سميت سنگين نوعيت جا 10 ڪيس داخل آهن

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شهباز گل جي گرفتاري کي اغوا قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز گِل چيو ته مون محب وطن شهري طور بيان ڏنو هو، فوج سان پيار ڪرڻ جو بيان هو، ڪنهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي اٿم، جنهن سان شرمساري ٿئي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل اسلام آباد مان گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل