حيدرآباد: ھٽڙي ٿاڻي تي عورت جو قتل ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

0
197
حيدرآباد:هٽڙي ٿاڻي تي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي تي عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل، مقتولڻ مسمات ريحانه جي مڙس ممتاز سوڌو 5 ڄڻا جوابدار نامزد ڪيا ويا

 ڪيس جي فريادي مقتولڻ جي والد چيو آهي ته جوابدار ممتاز مهينو اڳ ڪارنهن جي تهمت مڙهي ڌيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، گذريل ڏينهن ڌيءُ کي بهاني سان گهر گهرائڻ بعد ڏاٽي سان قتل ڪري ڇڏيو

جڏھن تھ ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن تھ ٻيا جوابدار پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا

ھي به پڙھندا

دادو مان اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي