ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽنگ ڪوچ يونس خان جي عهدي کان ڌار ٿيڻ جا وڌيڪ ڪارڻ سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب يونس خان ۽ هڪ ڪرڪيٽر وچ ۾ اوي سيريز جهيڙو ٿيو، جنهن بعد يونس خان ٽيم کان ڪجهه وقت لاءِ واسطو ختم ڪري ڇڏيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان جو ڪرڪيٽرن سان جهيڙو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٿيو ۽ يونس خان جي مينجمينٽ جي ٻين ماڻهن سان معاملا به خراب هئا، يونس خان مينجمينٽ سان روزاني جي بنياد تي شڪايتون ڪندو رهيو. ذريعن موجب انگلينڊ جي دوري دوران هوٽل آئسوليشن ۾ دير سان اچڻ جي ضد معاملا وڌيڪ خراب ڪيا، هوٽل ۾ دير سان اچڻ پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي هئي.