ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته انگلش ٽيم پنهنجي گرائونڊ تي آسان حريف ثابت نه ٿيندي، انگلينڊ خلاف سيريز سٺي ثابت ٿيندي، ون ڊي سيريز ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ بهترين موقعو آهي، حارث سهيل ۽ سعود شڪيل جي ڪري مڊل آرڊر مضبوط ٿيندو. بابر اعظم جو چوڻ آهي ته انگلش ٽيم پنهنجي گرائونڊ تي آسان حريف ثابت نه ٿيندي، ماضي ۾ پاڪستان جي انگلينڊ ۾ پرفارمنس سٺي رهي آهي. هن چيو ته ڪپتاني منهنجي لاءِ اعزاز آهي، جيڪي گولز آهن، اهي حاصل ڪندس، بائيو سيڪيور ببل جا عادي ٿي چڪا آهيون، اهو سڀ ڪجهه هاڻ مشڪل ناهي رهيو، مداحن جي سپورٽ سان حوصلو وڌندوآهي.