ٽالهي (اسپورٽس نيوز) ٽالهي ويجهو ڳوٺ سيد شاهنواز شاھه ۾ ٽن ڏينهن واري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري، جنهن ۾ ٽالهي شهر ۽ ڀرپاسي کان آيل 10 ٽيمن حصو ورتو، فائنل ۾ بلوچ اسپورٽ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ اسد علي گشڪوري جي شاندار سينچري سبب 160 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ رفيق اليون مقرر اوورن کان پهرين ئي 70 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. فائنل ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسد علي گشڪوري کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته مين آف دي سيريز جو انعام عرفان علي گشڪوري پنهنجي نالي ڪيو. ونر ٽيم کي، سيد شهزاد علي شاهه پاران 10 هزار رپين جو ڪيش انعام ڏنو ويو. جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي پڻ پنج هزار رپين جو ڪيش انعام ڏنو ويو.