پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي حياتي کي خطرو، بلٽ پروف گاڏي ۾ سفر ڪرڻ لڳو

0
206
هارائڻ جو آپشن ناهي پر

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز حسن راجا چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي تڏهن بلٽ پروف گاڏي رکڻي پئي. بين الصوبائي رابطن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي پاڪستان اسپورٽس بورڊ سيڪيورٽي اهلڪارن جي معاملن جو نوٽيس ورتو، ڪاميٽي ميمبرن نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو

ڪاميٽي سامهون پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪا مالي بي ضابطگي نه ٿي، سڀ ٺيڪ آهي، فرنچائز سان جلد ميٽنگ آهي، ايونٽ جڏهن شروع ٿيو ته فنانشل ماڊل ٺيڪ نه هو، فنانشل ماڊل ۾ خرچ ۽ نقصان وڌيڪ هو، هاڻ 95 سيڪڙو منافعو فرنچائز کي ويندو آهي

هن چيو ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، ان لحاظ سان گاڏي رکڻي پئي، مون کي هڪ پئسو ناهي ملندو، منهنجي گهرواري مون سان گڏ ڪنهن دوري تي ناهي وئي. ان دوران ڪميٽي چيئرمين چيو ته رميز راجا اسان جي ڀاڄائي کي دوري تي ناهي وٺي ويندو، اها ته غلط ڳالهه آهي، جنهن تي پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڀاڄائي کي وٺي وڃان ته ڪميٽي ۾ منهنجي ڪلاس وٺندئو

ڪميٽي ميمبر مهرين ڀٽو پڇيو ته رميز راجا پنهنجون مراعتون ٻڌائي، جنهن تي جواب ڏيندي هن چيو ته منهنجي پگهار ئي ناهي، پي سي بي چيئرمين جي آڇ ٿي ته گهر ۾ ووٽنگ ورتي، پي سي بي چيئرمين جي پگهار ڪجهه ناهي پر گاريون تمام گهڻيون آهن، منهنجي ٻارن چيو مان چريو ٿي ويندس

پي سي بي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 20 هزار هئي، جيڪا مون 5 هزار وڌائي، ڪڏهن انٽرٽينمينٽ الائونس نه ورتو، 3 مهينن ۾ رڳو اڍائي لک خرچ ڪيا، ميڊيڪل الائونس جي ضرورت ناهي، مراعتون مليون ئي ناهن ته پي سي بي کي ڇا واپس ڪندس