هل ڙي! پادر به مُون کاڌا لاڪ اپ به آئون ٿيس!

0
123
هل ڙي! پادر به مُون کاڌا لاڪ اپ به آئون ٿيس!

   هل ڙي! شهباز شريف پنهنجي حڪومت ۾ تنهنجون ٽاپيون! گُذريل مهيني ۾ ٽي دفعا تيل جي قيمت وڌائي ڇڏيئي ته به تنهنجو اندر ڪونه ٺريو هن مهيني وري تيل وڌائي، اسان غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿئي! تيل ڇا وڌيو هر شيءَ جي قيمت وڌي وڃي آسمان تي پهتي. مسڪين ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ کان ته ويا پر ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ کان به ويا، پئسا هڪڙا پئٽرول پمپن وارا ٻُهاري ويا، ٻيا منافعي خور واپاري ۽ وياجي کڻي ويا. اسين مسڪين ماڻهو ڏهن رُپين جو نوٽ ڏسڻ لاءِ به سِڪون پيا. حالت اها آهي جو قُربانيءَ جي عِيدَ مٿان آهي. مال پڙيون قُربانيءَ جي جانورن سان ڀريون پيون آهن پر گراهڪ ٺهن ئي ڪونه ٿا. اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ همراهه هو غلام علي منڊو، ٽنگ ۾ منڊڪ جي ڪري ڳوٺ وارن کيس سڱ ئي ڪونه ڏنو. ڪنهن پُڇيس ته، “ادا غلام علي تُون وڏا ٿي ڳيا هِوين! شادي ڪيون نهوين ڪريندا؟” ٿڌو ساهه ڀري چيائين، “ادا! مين ته شادي ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات تيار هيان، پر ڪو اُٺ دا پُٽ ميڪون سڱ ئي ڪونهي ڏيندا ته پِڇي مين ڪيا ڪران!” سو ان ڳالهه وانگر پڙيءَ ۾ موجود ڀاڳيا به چون ٿا ته، “اسين مال کپائڻ لاءِ رات ڏينهن تيار آهيون پر ڪو گراهڪ اچي اسان سان ڳالهائي ته سهي.” ٻئي طرف بازارون سُنسان لڳيون پيون آهن. سونارا، ڊاڪٽر، درزي، حجام، رازا، مستري سڀئي واندا ويٺا اوٻاسيون ڏين، ڪِياڙيون کنهن ۽ ڇاتيءَ جا وار پَٽين، ماڻهن وٽ پئسو هُجي ته، وٽن پهچن.

اها حالت رهي ته، ملڪ تباهه ٿي ويندو. اسين افغانين وانگر سُڪل مانين لاءِ به پيا سِڪنداسين. مونکي به طوطن ماءُ اچي سِيڌي سامان لاءِ تپايو. آئون به پٽڪو ٻڌي ويس بازار ۾. شين جا اگهه پُڇيم، اگهه صفا مٿي چڙهيل هُئا. اگهه ٻُڌي حيرانيءَ ۾ مُنهنجو مُنهن بگڙي ويو. اُتي بيٺل هڪ ڪار جي سائيڊ واري شيشي ۾ منهن ڏٺم ته اهڙو چِٻو ٿي ويو هو جهڙو سوزوڪي جي اڳيان ڊينٽ پيل هُجي. وري جو ڀاڄين جا اگهه پُڇيم ته، ماڳهين دل جو دورو پئجي ويو. مُون وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. اُتي بيٺل ماڻهن ايڌيءَ وارن کي فون ڪيو، انهن جي رضاڪارن پهچي مونکي ٽنگو ٽالي ڪري ٽنگن مان ڇِڪي ايمبولينس ۾ لوڊ ڪيو ۽ آڻي اسپتال ۾ اُڇلايائون. اُتي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر مونکي ايئن وڪوڙي ويا جهڙو گڏر تي ماڪوڙيون مِڙي آيون هُجن. مون کي 53 سُيون ۽ يارنهن بوتلون هنيائون پر آئون هوش ۾ اچان ئي نه! پوءِ مُنهنجا ڪَنَ ۽ پُڇ پٽيائون، ٺونشا ۽ لپاٽون هنيائون ته آئون مس وڃي هوش ۾ آيس وڏي کڙپيل ڊاڪٽر مونکان بيهوش ٿيڻ جو سبب پُڇيو، چيومانس، “ڊاڪٽر صاحب ٻي ڪا به ڳالهه ڪونهي بازار ۾ شين جا وڌيڪ اگهه ٻُڌي آئون ڏُک ۾ بيهوش ٿي ويس.” ڊاڪٽر صاحب منهنجا پُٺا ٺپري چيو، بابلا! انهيءَ مرض جو دُنيا ۾ ڪو به علاج ڪونهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي تيل اڃان به چڙهندو، قيمتون اڃان به وڌنديون ۽ توکي اڃان به وڌيڪ دورا پوندا، ان جا ٻه حل آهن يا ته چوريون، ٺڳيون ۽ ڪپتون ڪري پئسن وارو امير ٿي وڃ يا ته ٿر جي مسڪين ٻار، بک مرندڙ پارڪر مائرن جيان خودڪشي ڪري ڇڏ. چيومانس، ڊاڪٽر صاحب اهي ٻئي ڪم مونکان ڪونه ٿيندا، ٽيون ڪو علاج ٻُڌاءِ! چيائين، ٽيون علاج اهو آهي ته، اسان جي جند ڇڏ.

جتي جي بلا آهين، اوڏانهن ٽري وڃ. آئون اُتان نڪري وري ڳوٺ واري بازار ۾ پهتس، سنگت ساٿ ۽ دُڪاندارن سان اوڌر سوڌر ڪري سامان وٺي گهر پهتس ته طوطن ماءُ خُوشيءَ مان ايئن ٽِڙي پئي، جهڙو گوبيءَ جو گُل پنن مان ٻاهر نڪري آيو هُجي. ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ سيڌو سامان کُٽي ويو ته، آئون وري به سُورن ۾ اچي ويس، حالت مُنهنجي اُن هرڻ جهڙي ٿي وئي، جيڪو نديءَ تي پاڻي پيئڻ لاءِ اچي ته، واڳون ٿو وات وجهيس، جي واپس ٿو ٿئي ته، پٺيان شينهن ٿو شڪار ڪريس. ان ڳالهه وانگر آئون جي گهر ۾ آهيان ته طوطن ماءُ پٽيو پاراتا ڏيو پئي بيعزتيون خراب ڪري، ٻاهر ٿو نڪران ته قرض گهرندڙ ٿا ڏاڙهي پٽين. وڃان ته ڪيڏانهن وڃان، رنگيلي واري ڳالهه ته، “مين ڪهڙي پاسي جاوان، مين منجي ڪٿي ڍاوان” وري مٿان ٻي مصيبت اها اچي ڪڙڪي ته منهنجي نمڪ حرام دوستن ڳوٺ جي وڏيري رئيس گُلڻ خان گول باڊي ۽ پاڙي جي وڏيري رئيس راول خان روڏاڻي کي ٻُڌائي ڇڏيو ته گذريل اليڪشن ۾ مون کين ووٽ ڪونهي ڏنو ۽ سندن مخالف ايماندار، غريب ۽ باڪردار جوانن کي ووٽ ڏنو آهي، ابا پوءِ ته اهي ٻئي ايئن ڇتا ٿي پيا، جهڙو بي سُري فنڪار کي ڪاڄ جي ڇني ۾ گهور نه ملي هُجي، ورندي ڏينهن رئيس راول خان روڏاڻي ماڻهو وٺي آيو، اسان جي ويڙهي ۾ لڳل نلڪو ڪڍرائڻ لاءِ، چيائين نلڪو مون توهان کي هڻائي ڏنو ۽ ووٽ وري توهان مون کي ڇڏي منهنجي مخالف اُميدوار کي ڏنو آهي،

انڪري نلڪو پٽرايان ٿو. چيومانس، رئيس وڏا! ايڏو ظُلم نه ڪر، نلڪو توهان ميونسپالٽي جي فنڊ مان سرڪاري لڳرايو آهي، توهان جي پِيءُ رئيس آندل خان انڌاڻي جي پئسن مان ڪونه لڳرايو آهي. اها ڳالهه ٻُڌي رئيس بگڙي صفا چيلاٽو ٿي پيو، سندس وانٺن مونکي پادرائيزيشن ڪري وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ نلڪو پٽرائي کڻي رئيس روانو ٿي ويو ۽ پوءِ منهنجي ڊڄڻن مائٽن ماسات ماڪوڙي ۽ سئوٽ صدوري منهنجو رسو کولي مونکي آزاد ڪيو. ٻئي ڏينهن وري آئون رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي ٻني تي منڊڙي بي اولاد گڏهه لاءِ تر جو گاهه ڪرڻ ويس ته رئيس جي بڇ تي سندس ڪمدار ٻه ٽي وانٺا وٺي پهچي ويو. چئي طوطن پِيءُ اشراف جو پُٽ آهين ته ٻنيءَ مان ٻاهر نڪر! ووٽ رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي مخالفن کي ڏين ۽ گاهه وري سندس ٻنيءَ مان ڪرين، چيومانس، ادا ڪمدار مون پوک جي تيلي کي به هٿ ڪونه لاٿو آهي. واٽر جي ٻني تان تر جو گاهه ڪيو آهي. چيائين، واٽر جو ٻنو پڻهين جو ڪونهي، هتي جو ڪک ۽ ڀتر به رئيس جو آهي. مون ٻني مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ڪمدار ۽ وانٺن مون تي حملو ڪري ڏنو. مون تي شهيد ناظم جوکيو وانگر ايڏو شديد تشدد ڪيائون جو  منهنجون ٽنگون ٻانهون ڀڃي چَٽ ڪري ڇڏيائون. هُو ماري ماري منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏين ها پر ڳوٺ جي ماڻهن اچي منهنجي هنن ظالمن مان جان ڇڏرائي، آئون وري به وڃي اسپتال ڀيڙو ٿيس، جتي هڏن ۽ جوڙن جي ماهر ڊاڪٽرن ٽنگن ۽ ٻانهن تي پٽا ٻڌي مُنهنجو علاج ڪيو.

ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ آئون پٽڪو ٻڌي ٿاڻي تي رئيس گُلڻ خان گول باڊي، سندس ڪمدار ۽ وانٺن خلاف بيجا تشدد ۽ اراده قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ويس ته صوبيدار صاحب مونکان نالو پُڇيو، ٻُڌايومانس، طوطن پِيءُ. ته هن سپاهي کي سڏي مونکي هٿڪڙيون هڻائي چيو، تون ڏوهاري آهين، تو رئيس گُلڻ خان گول باڊي، ان جي ڪمدار ۽ هارين تي خوني حملو ڪيو آهي. تنهنجي خلاف رئيس وڏو ايف آءِ آر ڪٽرائي ويو آهي. مون کي لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو. اتي اسان جي ڳوٺ جي هڪ سپاهي هاشو هڪڙي جي ڊيوٽي هُئي، ان کي سڏي مون پاڻي جو چيو. هُو پاڻي جو گلاس ڀري آيو. چيومانس، مار به مون کاڌي، جيل ۾ به آئون آهيان، هي ابتي گنگا ڪيئن وهي آئي؟ چيائين، ٻه ڏينهن اڳ رئيس گلڻ خان گول باڊي ٿاڻي تي آيو هو. اتي پهتو ته پاڻ واري چونڊيل ميمبر رئيس لوٽي خان لٻاڙي به صوبيدار کي فون ڪري سندس پارت ڪئي هُئي، پوءِ رئيس به لک رُپيا خرچيءَ جا ڏئي تنهنجي خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي. اهو ٻُڌي آئون حيران ٿي ويس. چيومانس، هل ڙي! ايڏي انڌير نگري، ايڏو ظالماڻو وڏيرڪو نظام! اهو ٻُڌي هاشو هڪڙو توبهن توبهن ڪندي اُتان هليو ويو. آئون سوچڻ لڳس هل ڙي! منهنجا پيارا پاڪستان! اسلامي جمهوريه پاڪستان! وڏيرڪي نظام مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسان سڀني غريب پورهيت ماڻهن کي گڏجي شاندار اتحاد ٺاهي هنن کي شڪست ڏيڻي پوندي ۽ نيٺ فتح اسان جي ٿيندي. مونکي انهي شاندار فتح لاءِ شاهه جو هِي بيت ياد اچي ويو؛

ڪاري ڪڪر هيٺ مُون جهيڙيندي ڇڏيا،

ڪارا ڪُند هٿن ۾ اڙل وڇيرا هيٺ،

ٿي تنين سان ڏيٺ موٽڻ جنين مهڻو. (شاهه)