عمران خان، اياز امير ۽ امپائر جي آڱر

0
122
لانگ مارچ، ستن جو انگ ۽ سولومن گرونڊي وارو نظم

 انسانذات  کي ڌڻي سڳوري ڪائنات ۾ موجود ڪرُوڙين مخلوقن يا شين تي جيڪڏهن ڪا فوقيت ڏئي اشرف المخلوقات بڻايو آهي ته ان جي پويان رب جا اهي راز آهن جن کي انسانذات پنهنجي علم ۽ تحقيق جي بنياد تي معلوم پئي ڪيو آهي ۽ ڪندي رهي ٿي پر اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ جي سياستدانن کي دنيا جي سياستدانن تي فوقيت ڏيون ۽ ان کي “اشرف السياستدان” چئون ته اسان حق بجانب آهيون ڇاڪاڻ جو ان مهان لقب اشرف السياستدان جي پويان لڪل رازن تان پردا ٿا کڻون ته اسان کي اهي راز ملڪ جي مڃيل ليکڪ اياز امير پاران عمران خان جي سامهون “رجيم چينج” (حڪمراني مَٽ) جي سري هيٺ ڪيل تقرير جي شڪل ۾ چٽا نظر اچن ٿا ۽ عمران خان کي اقتدار ملڻ کان اڳ ۽ لهڻ کانپوءِ اهي راز امپائر جي آڱر جو ڪمال لڳن ٿا. اهي راز جيڪي گهٽ ۾ گهٽ سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جي نظر ۾ ملڪ جي ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي ڪڏهن به راز نه هئا پر پنجاب انهن کي ملڪي مفاد جي نالي ۾ سدائين پاڻي ڏيندو ۽ لڪائيندو رهيو ۽ ٽن صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻندو رهيو. هي اهي راز آهن جن جي باري ۾ مشهور آهي ته اصل ۾ هنن ئي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ هينئر پوري ملڪ جي عوام جي نظر ۾ راز ناهن رهيا پر سياست وري به مفادن جي ٿي رهي آهي، ٻئي کي ڪنو ڪرڻ جي ۽ پاڻ کي مهان ثابت ڪرڻ جي ٿي رهي آهي.

هي اهي راز آهن جيڪي ڪڏهن “سگهارين ڌرين” جي منشا جي شڪل ۾ لڪل هوندا هئا ته بعد ۾ وري “اسٽيبلشمنٽ” جي آشيرواد جي طور مشهور ٿيا. ميان نواز شريف انهن رازن کي “خلائي مخلوق” جو نانءُ ڏنو ته زرداري صاحب انهن کي “پاڪستان کپي” جو ٺپو هڻي سياست شروع ڪئي. وري انهن رازن کي رازدارن پاڻ نيوٽرل چئي جڏهن چوڏهن جماعتن تي مشتمل گڏيل حڪومت آندي ۽ عمران خان کي بني گالا ڀيڙو ڪيو ويو ته اڄڪلهه عمران خان انهن رازدارن تي تمام گهڻو ڏمريل نظر اچي ٿو جنهن جو هو کليو اظهار نه صرف سوشل ميڊيا تي پر پنهنجي غير صحافتي پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن، جلوسن يا تقريرن ۾ به ڪندو رهي ٿو. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي آهي ته جيڪي ڳالهيون عمران خان ڪندو رهي ٿو، جيڪي الزام هو هڻندو رهي ٿو ۽ جيڪا مهم هو پنهنجي سوشل ميڊيا جي ذريعي هلائيندو رهي ٿو: نه ان تي غداري جو لقب لڳي ٿو، نه ان کي ڪافر سمجهيو وڃي ٿو ۽ نه ئي هن کي ملڪ دشمن چيو وڃي ٿو پر عمران خان جو تعلق بلوچستان يا خاص طور تي جيڪڏهن سنڌ سان هجي ها ته هن تي ملڪ سان غداري ڪرڻ جو نه صرف ڪيس هلي ها پر هو هن وقت بني گالا ۾ نه پر جيل گالا ۾ هجي ها. پر ڇو هن ۾ ڪير هٿ نٿو وجهي هي به هڪ اهم راز آهي!

اياز امير حڪمراني مٽ واري سيشن ۾ اهڙو ڇا چيو ۽ ڪيو جو ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي هن کي لاهور ۾ ٽي وي پروگرام تان موٽندي مارڪٽ ڪئي وئي، بدتميزي ڪئي وئي ۽ ڪپڙا به ڦاڙيا ويا. اياز امير کان وڌيڪ ته عمران خان جي سوشل ميڊيا انهن تي باهه سٽيندي رهي ٿي جن عمران خان کي هٽائڻ ۾ سهولتڪاري ڪئي آهي چاهي ڀلي پوءِ ان جي پويان ڪوڙي – سچي خط جي ڪهاڻي گهڙيل آهي يا رازدارن پاران دل کڄي وڃڻ جو ناٽڪ. اياز امير به ته اهائي ڳالهه ته ڪئي آهي ته ملڪ کي ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ هڪ اهڙو قانون پاس ڪيو ويو آهي جنهن سان جيڪو به چيف آيو ته گهٽ ۾ گهٽ هو هي ته ضرور سوچيندو ته منهنجا 6 سال ته ڪيڏانهن به ناهن وڃڻا ۽ مٿان وري هڪ سال جو ايڪسٽينشن ۽ هي جيڪڏهن ريئل اسٽيٽ ڪاروبار جي باري ۾ هي ڳالهه ڪندي به لهرائي نٿو ته هي هڪ اهڙو ڪاروبار آهي جنهن جو پيٽ ڪڏهن به ڀرڻو ناهي ته ڇا صرف واحد اياز امير ئي آهي جنهن پهريون دفعو هي ڳالهه ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ ايئن ناهي. توهان جيڪڏهن عام ماڻهو سان ملندا ۽ جڏهن ملڪ ۾ ٿيندڙ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار جي باري ۾ ان جي راءِ معلوم ڪندا ته اهو به توهان کي اهائي ڳالهه ڪندي نظر ايندو جيڪا اياز امير پنهنجي تقرير ۾ ڪئي آهي.

پوءِ ڏوهه صرف اياز امير جو ڇو؟ جواب هي آهي ته اياز امير عام ماڻهو نه پر ملڪ جو مشهور ڪالم نگار هجڻ سان گڏ ن ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي (1997-1998) ۽ ايم اين اي (2008-2013) به رهي چڪو آهي. سابق فوجي آهي ۽ پراڻو جيالو (1980) ۽ فوج تي پنهنجي ڪالمن جي ذريعي تنقيد ڪندڙ طور ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر گهڻو مشهور رهيو آهي جيتوڻيڪ فوج خلاف هن پنهنجي موقف ۾ نرمي آندي آهي پر هو اڄ به سياست کي سياستدان جو ڪم ۽ فوج کي ملڪي سرحدن ۽ بيرڪن ۾ رهڻ جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو. مطلب هي ٿيو ته عام ماڻهو جيڪڏهن ڪڙي ڳالهه ڪري ته خير آهي ۽ ڪجهه ڌريون يا ڪجهه ادارا ان جو ڪو نوٽيس ناهن وٺندا پر اياز امير جهڙو ماڻهو جڏهن اشارن ۾ يا سڌي سنئين ڳالهه ڪندو ته مسئلو پيدا ٿيندو ۽ مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. اياز امير تي ٿيل حملي جون ڪيئي ڪهاڻيون سياست ۽ نفرت جي مارڪيٽ ۾ گرم آهن. هڪڙا ان حملي جي پويان ن ليگ جي ڪارستاني چون ٿا ته جيئن عمران خان ۽ نيوٽرل کي خوار ڪجي. هڪڙا چون ٿا عمران خان خود اهو حملو ڪرايو آهي ته جيئن ن ليگ ۽ نيوٽرل تي ڇوهه ڇنڊيا وڃن پر عام راءِ هي آهي ته هي ڪم نه ن ليگ جو آهي نه پي ٽي آئي جو هن جي پويان اهي ئي ڌريون آهن جن جي باري ۾ اياز امير ان سيشن ۾ مولا جٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ويچاري کي هن حملي ذريعي هي پيغام پهچايو ويو ته آئيندا خيال ڪري.

عمران خان 1996ع کان سياست ۾ سرگرم آهي جهڙي طرح هي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ لَڪي رهيو آهي اهڙي طرح هي سياست ۾ به ڪنهن حد تائين لڪي رهيو آهي. هن جي منهن ۾ جيڪو ڪجهه هوندو آهي هو بغير ڪا پرواهه ڪندي چئي ڇڏيندو آهي پر جيڪڏهن اهي لفظ سندس جي پاليسي جي خلاف ويندا آهن ته يو موڙ وٺندي دير به ناهي ڪندو. هن کي جڏهن هٽايو ويو ته هن هڪ خط کي ان جو بنياد بڻايو ۽ آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ پنهنجي امپائر کي به مهڻا ڏنا ته آخري وقت ۾ امپائر هن جو ساٿ نه ڏنو. آمريڪا ۾ يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پي ٽي آئي جي ميمبرن يا همدردن جڏهن ڏٺو ته عمران خان جي بيانن سان اسان تي يا ملڪ سان ڪو سياسي مسئلو نه پيدا ٿئي ته هن کي سمجهايو ويو ته هو صرف نيوٽرل کي ٽارگيٽ ڪري پر آمريڪا کي نشانو نه بڻائي ڇاڪاڻ جو ان سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿيندا. اسان ۽ توهان ڏٺو ته خانصاحب آمريڪا مخالف پنهنجي سخت موقف ۾ نرمي آندي ۽ اڄڪلهه ته صفا هٽي ويو آهي. جيتوڻيڪ 1996ع کان اڳ امپائرن پاران هن کي سياست ڪرڻ جون ڪيتريون آڇون ٿينديون رهيون پر هي انڪار ڪندو رهيو. سياست ۾ پير پائڻ بعد ۽ شروعاتي دور ۾ چونڊن ۾ بيهڻ ۽ هارائڻ جي باوجود هن کي 2018ع جي چونڊن بعد جڏهن سڀ ڪجهه ميڙي چونڊي حڪومت ڏني وئي ته هن جي حڪومت کي اهي دڙڪا درپيش ڪونه هئا جيڪي جنرل پرويز مشرف، يوسف رضا گيلاني يا نواز شريف جي حڪومت کي درپيش هئا.

خاص طور تي ملڪ لاءِ دهشت گردي هڪ سنگين مسئلو بڻيل هئي جنهن کي جنرل راحيل شريف جي پاران شروع ڪيل فوجي آپريشن ضرب عضب لڳ ڀڳ ختم ئي ڪري ڇڏيو. پر عمران خان سياستدان ناهي هي ليڊر آهي ۽ ليڊر کي سياست نه پر ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۽ عوام جي زندگين ۾ ڪو رليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. سياستدان کي ممڪن آ ته نيوٽرل جي ضرورت هجي پر ليڊر ڪڏهن به ڪنهن به نيوٽرل تي ناهن ڀاڙيندا، ليڊرن کي نه امپائر جي آڱر جي اشاري جي ضرورت هجي ٿي نه هنن کي ڪنهن خلائي مخلوق جو انتظار هوندو آهي پر عمران جيئن ته پاڪستاني ليڊر آهي سو افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستاني ليڊرن کي عوام جي نه پر امپائر جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر يا نيلسن مينڊيلا جهڙن ليڊرن جا مثال اسان جي سامهون آهن جن پنهنجي قوم جي آجپي ۽ سک جي لاءِ سڄي زندگي جدو جهد ڪئي پر ڪڏهن به ڪنهن به امپائر يا نيوٽرل کي هي نه چيائون ته اچو اسان جو ملڪ ۽ قوم خطري ۾ آهي اسان جي مدد ڪريو. اهوئي فرق آهي هڪ سياستدان ۽ ليڊر ۾. ليڊر ملڪي ادارن جي لاءِ بدناموسي جو سبب نه پر ڍال بڻجندا آهن پر اسان وٽ نه ليڊر اهڙا آهن نه ادارا ان قسم جا آهن جو پنهنجي پنهنجي اخلاقي ۽ آئيني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪن. 75 سال ٿيڻ وارا آهن هنن پنجهتر سالن ۾ اسان بس هي سکيو آهي ته نوڪري رشوت کان بغير نٿي ملي سگهي، پيشوراڻي ترقي هيٺائين ڪرڻ کان بغير نٿي ملي سگهي ۽ ڪرسي امپائر کان بغير نٿي ملي سگهي. افسوس جو مقام آهي 75 ٻيا سال به گذري ويندا. نه ڪنهن جي صحت تي ڪو فرق پوندو نه ان نيت ۾ ڏار پوندو جنهن هن ملڪ کي اڄ اتي اچي پهچايو آهي جو ملڪ جو گهرو وزير رانا ثناالله ٿو چئي ته، “آئي ايم ايف اسان کي آڱرين تي نچائي رهي آهي!”