پي سي بي پاران سيريز ملتوي ٿيڻ جي تصديق

0
237
پي سي بي پاران

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سيريز ملتوي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پي سي بي پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ اڄ اوچتو آگاهه ڪيو ته هن کي سڪيورٽي الرٽ موصول ٿي آهي، ان ڪري هڪ طرفو سيريز ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پي سي بي پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته دورو شيڊيول جي موجب جاري رکڻ جي خواهش آهي پر نيوزيلينڊ جي اوچتو هڪ طرفي فيصلي سان ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوسي ٿي آهي.

پي سي بي ۽ حڪومت سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا هئا ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ کي به اهائي خاطري ڪرائي هئي، جڏهن ته وزير اعظم عمران خان به ذاتي طور تي نيوزيلينڊ جَي هم منصب سان فون تي رابطو ڪري سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان جي سيڪيورٽي انٽيليجنس دنيا جي هڪ بهترين ايجنسي آهي ۽ مهمان ٽيم کي ڪا به سيڪيورٽي ٿريٽ نه آهي.

پي سي بي چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم آفيشلز حڪومت جي سيڪيورٽي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو آهي.