لاڙڪاڻو  (بيورو رپورٽ)  بلوچستان جي صحبت پور ضلعي جي ڳوٺ ميهوپور جي رهواسڻ چئن ٻارن جي ماءُ ڳورهاري عورت شاهده زال نديم ڪٽڀار مڙس ۽ ساهرن جي تشدد کان تنگ اچي لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي تي پهتي، جتان وومين ٿاڻي جي پوليس ڳورهاري عورت کي فورٿ ايڊيشنل ۽ سيشن جج حفظ الرحمنٰ ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عورت جي بيان بعد عدالت کيس دارلامان حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي عورت شاهده ڪٽڀار  ٻڌايو ته 15 سال اڳ منهنجي شادي نديم ڪٽڀار سان ٿي هئي جنهن مان مون کي چئن ٻارن جي اولاد آهي ۽ هينئر آءُ پنجن مهينن جي حمل سان پڻ آهيان. هن الزام لڳايو ته مڙس نديم خرچ به نه ڏيندو هو ويتر پنهنجي ماءُ منظوران جي چوڻ تي معمولي ڳالهين تان مڙس مون مٿان تشدد ڪندو ۽  سس پاڻ به  تشدد ڪندي هئي. هن چيو ته مڙس ۽ سس جي تشدد کان تنگ ٿي آءُ لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي تي آئي هيس جتان پوليس مون کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو جتي مون عدالت کي سڄي حقيقت ٻڌائيندي گذارش ڪئي ته مون کي دارلامان حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته هينئر آءُ مڙس ۽ ساهرن ڏانهن وڃڻ نه ٿي چاهيان تنهن ڪري منهنجي مڙس ۽ سس خلاف ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن عدالتي حڪم تي وومين ٿاڻي جي پوليس ڳورهاري عورت کي دارلامان منتقل ڪري ڇڏيو.