مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ۾ کليل ڪچهري بدنظمي جو شڪار ٿي وئي، جيالا ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن تي صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ منٿون ڪندو رهيو. ان ڏس ۾ شهر جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لائبريري ۾ کليل ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن پارٽي عهديدارن کي دعوت نه ملڻ ۽ پارٽي ڪارڪنن کي ڪرسيون نه ملڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن تي کليل ڪچهري بد نظمي جو شڪار ٿي وئي ۽ صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ ۽
رياض حسين شاهه جيالن کي منٿون ڪندا رهيا پر جيالن ٻنهي جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اسٽيج آڏو ڌرڻو هڻي پٽ تي ويهي رهيا ۽ پنهجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه وچ ۾ پئي معاملي کي ٽاريو ۽ ڪجهه جيالن اڳواڻن کي اسٽيج تي ڪرسيون رکرائي ويهاريو، ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن امجد چنڊ، شير محمد شاهه، ذيشان، عاشق حسين ملاح، نويد ملاح، حاجي خان مري، عبدالغفور، فرحان شيخ سميت ٻين ماڻهن پنهجا پنهجا مسئلا پيش ڪيا جنهن ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي قبرستانن ۽ کڏن تي قبضا ۽ گٽرن جو گندو پاڻي قبرستانن ۾ ڇوڙ ٿيڻ سان قبر مسمار ٿي رهيون آهن، ان سان گڏ حيسڪو خلاف به عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ضلعي اندر ڪيترن ئي هنڌن تي ڊرينج سسٽم نه هجڻ خلاف دانهون ڪيون، کلي ڪچهري ۾ عوام پاران پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف به ڪيهون ڪيون، ڪيترن ئي ماڻهن پاران اهو چيو ويو ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ھيلٿ سينٽرن تي ڪي به بنيادي سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن ضلعي جون اسپتالون فقط ريفر سينٽر بڻيل آهن، مارڪيٽ ڪميٽي فقط رڳو فوٽو ڪاپي ٿيل ريٽ لسٽ موڪلي اوڳاڙي ڪري ٿي هتي واپاري هر هنڌ پنهجا پنهجا من پسند اگهه مقرر ڪري عوام جو رت چوسي رهيو آهي پر انتظاميه به خاموش بڻيل آهي، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار فياص علي ٻٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٽانگا پارٽي بڻجي چڪي آهي، انهن جا چونڊيل نمائندا پارٽي کان بيزار ٿي ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن، عوام جا مسئلا ٻڌي رهيا آهيون جن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ سان گڏ وڏن مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ اختيارين کي رپورٽ پيش ڪري مسئلن جي مستقل حل لاءِ جامع رٿابندي ڪئي پئي وڃي.