لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته بورڊ جي 15 ارب رپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي، آڪٽوبر ۾ پاڪستان جونيئر ليگ شروع ڪري رهيا آهيون. رميز راجا چيو ته 30 ڪمپنين جونيئر ليگ جي 6 فرنچائزز لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اسان کي ٻين ملڪن جي بورڊز طرفان به جونيئر ليگ بابت سٺي موٽ ملي آهي. چيئرمين چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ 3 پرڏيهي ڪوچز ايندا، اسان پرڏيهي پاور هٽر، بيٽنگ ۽ بولنگ ڪوچ آڻينداسين. هن چيو ته ميٿيو هيڊن سان ورلڊ ڪپ دوران ٻيهر معاهدو ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي ٽيم جي ڪاميابي جي شرح ڀارت، نيوزيلينڊ کان وڌيڪ آهي، اسان جو هدف ئي ڪاميابي جي شرح کي وڌائڻو آهي، بابراعظم اينڊ ڪمپني تمام سٺو ڪم ڪيو، هنن کي سپورٽ جي ضرورت آهي. هن چيو ته منهنجي ساروو گنگولي سان سائيڊ لائنز تي ڳالهه ٿيندي رهندي آهي، اڃا پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ۾ ڏارون آهن پر اهي سياسي آهن، مان گنگولي کي چيو جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين ته ڪوبه نٿو ڪري سگهي.