لاهور (اسپورٽس نيوز) 30 سالن جي نوجوان بيٽر احمد شهزاد وقار يونس کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته اهو منهنجي اڳيان ويهي معاملن تي ڳالهائي. هن چيو ته مان پاڻ ته اها رپورٽ نه ڏٺي پر پي سي بي جي هڪ نمائندگي مونکي ٻڌايو هو ته هي ريمارڪس وقار يونس منهنجي باري ۾ ڏنا هئا. اوپنر چيو ته اوهان کي صرف پنهنجي معيار تي پورو لهڻ جي ضرورت آهي، هن جي لفظن منهنجي ڪيريئر کي ڪافي نقصان پهچايو آهي جڏهن ته مونکي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي هئي. هن چيو ته منهنجي ڪجهه ساٿين منهنجي باري ۾ خراب تاثر ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ منهنجو نالو عمراڪمل سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.