ميهڙ (ن پ ا) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ايس يو پي ڪارڪن اختيار سوڍر کي کنڀي گم ڪرڻ  خلاف سڪندر سوڍر ۔ حاجي خان مارفاڻي ۔ احمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي هنن چيو ته 9 ڏينهن اڳ اسان جي ڪارڪنن اختيار سوڍر کي ڄامشورو المنظر هوٽل تان سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪارن کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي 9ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کيس ظاهر ناهي ڪيو ۔ شڪ آهي ته پوليس کيس ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڏيکاري ڇڏيندي