ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾گذريل سال پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ جانيون وڃائيندڙن جي وارثن عظمت يار خان، زرقا چوڌري، ڪنول ارسلان ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته حادثي جي نئين سر جاچ ڪرائي وڃي ، جڏهن ته جاچ ڪميشن ۾ فوتين جي وارثن کي به شامل ڪيو وڃي، آر. ڊي. اي وارو شرط ختم ڪري کين فوري طور معاوضو ادا ڪيو وڃي، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيل 30 مسافرن جي وارثن کان معاوضي جي ادائگي وقت اها لکت ورتي وئي آهي ته اهي هاڻي حادثي کي چيلنج نه ڪندا ۽ نه ئي وري ڪو آواز اٿاريندا، هنن چيو ته وارثن کان اهڙي لکت وٺڻ عدالتي حڪم جي خلاف ورزي آهي، جهاز حادثي جي فوتين جي وارثن کي انشورنس واري رقم ادا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پي آءِ اي اختياريون اهڙي لکت وٺي فوتين جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيون آهن ، اسان انهي معاملي تي سنڌ جي گورنر سان ملاقات ڪئي پر هو پي آءِ اي انتظاميا جو حمايتي نڪتو، هنن چيو ته جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل مسافرن جو سمورو سامان هڪ سال کان پي آءِ اي انتظاميا وٽ آهي، اهو سامان ڪهڙي حالت ۾ آهي؟ ڪا خبر ناهي، حادثي وقت اين ڊِي ايم اي ڪٿي نظر نه آئي؟ اسانجي رينجرز ۽ ٻين رضاڪارن مددڪئي آهي، پي آءِ اي عملي جو رويو ڏاڍو خراب رهيو آهي، اسانکي پئسا ڀلي نه ڏيو پر حادثي جي ذميوارن بابت ٻڌايو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته فوتين جي وارثن کي بنا ڪنهن شرط جي انشورنس واري رقم ادا ڪري حادثي  جي ٻيهر جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي، فوتين کي وارثن کي به انهي ۾شامل ڪري حادثي جي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي.