سيوهڻ(ن پ ا)سيوھڻ۾ پنج ڏينهن اڳ 14ورھين جي نينگري سان زيادتي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس والد ڀائرن ۽ اوٺا برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بودلا بهار پاڙي جي رهواسڻ 14 ورھين جي نينگري فضيلا عرف عائشه اوٺو جي پيءُ عبدالحفيظ اوٺو. ڀاءَ جميل اوٺو. عبدالسميع. محرم. سعيد. عبدالنبي اوٺو ۽ امام علي جتوئي چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود سيوھڻ پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل ٽن جوابدارن حسين. سجادهاليپوٽو ۽ محسن شورو کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي ھنن الزام مڙهيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو اسان کان ڄاڻايل جوابدارن جي ڇاپن ۽ گرفتاري لاء 20 هزار گهريا آهن. اسان ھن کي ڏھ هزار ڏنا آھن پر ھو چوي ٿو ته بقايا پئسا ڏيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪندس اسان کي خدشو آھي ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي تنھن ڪري ھو جوابدارن کي گرفتار نه ڪندي جڏھن ته ايس ايڇ او کي سڀ خبر آھي ته جوابدار ڪٿي آھن جوابدار فيس بڪ تي ايس ايڇ او سان رابطي ۾ آهن ان ڪري ھو اسان کان بار بار ڳري رقم گھري رھيو آھي ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس .سنڌ هاء ڪورٽ آء جي سنڌ ۽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.