لاهور(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان اڄ چوي ته مان غير مشروط طور تي گريٽر ڊائيلاگ لاءِ تيار آهيان ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڳالهيون جڏهن به ٿينديون اهي غير مشروط هونديون، عمران ۽ پي ٽي آءِ هڪ حقيقت آهن، ان کي به مڃڻ گهرجي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري به هڪ حقيقت آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سياسي ڳالهيون آهن ته ان ۾ سياسي پارٽيون هونديون جيڪڏهن گريٽر ڊائلاگ ڪرڻيون آهن ته ان ۾ ادارا شامل هوندا جنهن سان  ڳالهه ٺهندي. ڇا پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪري سگهجي ٿو؟ واري سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته جيڪڏهن اتفاق ٿيو ته پوءِ ڪو به عمل مشڪل ناهي.