وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو قمبر پوليس جي ڪارروائي، بدنام منشيات فروش ڀائر گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، جوابدار پ پ اڳواڻ جا سئوٽ آهن، پ پ اڳواڻ لالا نظر پٺاڻ جو چوڻ آهي ته سئوٽن سان سندس ڪو به واسطو ناهي. خبر موجب ڳوٺ فقير ھمت پٺاڻ تي پوليس چڙهائي ڪري بدنام منشيات فروش شعبان عرف شبو پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ قربان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب ڇاپي دوران 25 ڪلو چرس، 10 ڪلو آفيم، 5 ڪلو ھيروئن، چار موٽر سائيڪلون، سولر پليٽون ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ٿيل شعبان پٺاڻ ۽ قربان پٺاڻ پ پ تعلقي رتيديري جي صدر لالا نظر پٺاڻ جا سئوٽ آھن. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي لالا نظر پٺاڻ چيو ته شعبان پٺاڻ جي غلط ڪمن سان سندس ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي مان غلط ڪم ڪندڙن جو ساٿاري آهيان، هن چيو ته شبو پٺاڻ سان واسطو ناهي ان ڪري سندس غلط ڪمن سان مون کي نه جوڙيو وڃي. وارث ڏنو ماڇي پوليس جو چوڻ آهي ته قمبر پوليس جي ڪارروائي بابت خبر ناهي ۽ نه وري اسان کي اطلاع ڪيو ويو هو.