پيپلزپارٽي قيادت کي ڳالھائڻ جو طريقو سکڻ گھرجي: شاھد خاقان

0
230

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال مٿان تنقيد تي نواز ليگ اڳواڻ جو ردعمل، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پ پ قيادت کي گذارش هوندي ته ڪجهه ظرف هوندو آهي، ڳالهائڻ جو طريقو سکي وٺو، سياست ۾ واپسي جا در بند ناهن ٿيندا، پ پ ۽ نواز ليگ سياسي پارٽيز آهن، اُن کانسواءِ ٻنهي ۾ ٻيو ڪوبه رشتو ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران نواز ليگ اڳواڻ چيو ته 1948ع کان هيل تائين ڪابه اليڪشن شفاف ناهي ٿي، ٻڌايو وڃي ته اُن جو فائدو ڪنهن کي ٿيو ۽ چونڊن جي شفافيت تي ڪهڙو اثر پيو؟ ٽرٿ ڪميشن جوڙي وڃي ته حقيقتون پڌريون ٿي وينديون، ٽرين جو وڏو حادثو ٿيڻ حڪومت کي ڪابه پشيماني ناهي، جيڪو وزيراعظم 5 منٽن لاءِ قومي اسيمبلي اچي حادثي جي متاثرن سان همدردي جو اظهار نٿو ڪري، اُن مان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪهڙي اُميد هوندي.