ٽنڊوجان محمد (ن پ ا ) ٽنڊوجان محمد ڳوٺ گيلپور ۾ 6 سالن جو معصوم نينگر ساحل ولد عنايت خاصخيلي راند ڪندي ڳوٺ ڀرسان ڇنڊڻ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳولا بعد سندس لاش گهرن ڀرسان پاڻي جي ڇنڊڻ مان هٿ آيو. واضع رهي ته هن معصوم نينگر جو پي عنايت خاصخيلي ٽنڊوجان محمد شھر ۾ رڪشو هلائيندو هو ۽ پنج مهينا اڳ پنهنجي رڪشي تي ايم سي بي بينڪ اڳيان بيٺل هو ۽ 11 هزار وولٽن جون تارون اوچتو ٽٽڻ سبب سندس رڪشي مٿان ڪِريون جنهن ۾ هو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو. اڄ پنج مهينن کان پوءِ سندس 6 سالن جو معصوم پٽ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي جنهن تي گهر ۾ ڪهرام متل آھي.