حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عدالتي حڪم بعد 93 ملازمن کي گريڊ 2 ۾ مستقل ڪرڻ لاءِ سندن گريڊ گھٽائي ڇڏيا آهن، لسٽون تيار ڪري عدالت ۾ جمع ڪرئي ڇڏيون. ان ڏس ۾ ”پنهنجي اخبار“ کي مليل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن جي لسٽ ۾ چئن عورتن کي به نائب قاصد طور مستقل ڪرڻ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي. بي اي جي ڊگري رکندڙ مسمات افشان ارم پهرين جون 2020ع تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري حاصل ڪئي هئي جنهن کي هاڻي سندس گريڊ گهٽائي کاتي پاران 2 گريڊ ۾ نائب قاصد طور مستقل ڪيو ويندو. اهڙي ريت 6 نومبر 2009ع ۾ ريسيپشن جي ملازمت حاصل ڪندڙ حنا شيخ جنهن وٽ پڻ ايم اي جي ڊگري آهي ان جو به نالو نائب قاصد طور لکيو ويو آهي. گڏوگڏ 5 آڪٽوبر 2010ع ۾ انٽر پاس هما پروين جنهن کي ڊسپيج طور ملازمت ڏني وئي هئي ان کي به هاڻي نائب قاصد طور مستقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن جڏهن ته 2008ع ۾ مس راڻو نالي عورت کي به ڪلارڪ طور ڀرتي ڪيو ويو هو جنهن کي پڻ هاڻي گريجوئٽ هئڻ باوجود نائب قاصد طور مستقل ڪرڻ لاءِ سندس نالو لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر پاران جمع ڪرايل لسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 93 ملازمن مان 2 گريڊ ۾ 32 ڄڻن کي نائب قاصد جڏهن ته 61 ڄڻا چوڪيدار، مالهي، سوئيپر ۽ ڊيموليشن ڪُلي طور مستقل ڪيا ويندا. ملازمن بابت سندن وڪيل محمد ارشد پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ملازم ابتدائي طور ڪلارڪ، ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊيموليشن ڪُلي ۽ ٻين عهدن تي مقرر ٿيل هئا پر هاڻي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سندن گريڊ گهٽائي 2 گريڊ ۾ مستقل ڪرڻ چاهي ٿي جنهن خلاف هو پنهنجو اعتراض ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ داخل ڪرائيندا. ملازمن کي گريڊ گھٽائي نائب قاصد ڪرڻ جو عمل برداشت نه ڪبو. ڄاڻايل عورتون پهرين جن عهدن تي مقرر هيون انهن کي ساڳين عهدن تي مستقل ڪيو وڃي. ملازمن گڊو قمبراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ريجن ۾ هڪ کان 18هين گريڊ جي ملازمن جون 127 پوسٽون خالي پيل آهن پر تنهن باوجود ملازمن کي نظرانداز ڪري کين 2 گريڊ ۾ نائب قاصد، چوڪيدار ۽ مالهي طور مستقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، جيڪا نا انصافي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن سيد سمير شاهه عدالت ۾ جمع ڪرايل لسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اپرول کانپوءِ هڪ کان 5 گريڊ تائين ملازمن کي ريجنل ڊائريڪٽر مستقل ڪندو ان لاءِ جيڪي هن وقت اداري ۾ سيٽون خالي آهن انهن سيٽن تي عدالتي حڪم تحت ڄاڻايل 93 ملازمن کي مستقل ڪيو ويندو.