پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ عوام خلاف معاشي دهشتگردي آهي: امتياز شيخ

0
147

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته مني بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جا آفٽر شاڪس جاري آهن، پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ عوام خلاف معاشي دهشتگردي آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پيٽروليم شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيون ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت عوام لاءِ معاشي خطرو بڻجي وئي آهي

امتياز شيخ چيو ته بجلي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي هر مهيني عوام جي کيسي مان اربين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن، گذريل 15 ڏينهن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي

عوام ڪورونا ۽ ٻين بيمارين کان ته بچي ويندو پر عمران نيازي جي صورت ۾ نازل بحران کان بچڻ ممڪن ناهي