عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد بيشڪ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان تڪراري شخص هو، اهو به سچ آهي ته هو هڪ غير معمولي انسان هو ته پوءِ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته انساني تاريخ جا اڪثر غير معمولي ماڻهو پنهنجي وقت ۾ تڪراري هئا جهڙوڪ سقراط، عيسيٰ، گيليليو وغيره انهن سڀني جي سڀ کان وڏي خاصيت ۽ سڃاڻپ اها هئي ته انهن سچ ڳالهايو. کرو سچ. اهڙو سچ جيڪو ڪوڙ جي ديوارن تي ٺهيل حڪمرانن جي محلن کي لوڏي پيو ڇڏي. جيئن شيخ اياز چيو:

مون ڏات انوکي آندي آ ٿي تند وڙهي تلوارن سان

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان

پاڪستان جا سمورا حڪمران جي ايم سيد کان، سندس سچ کان ڊڄندا هئا، پوءِ اهي وردي سان هجن يا بنا وردي جي. انتهاپسند هجن يا لبرل. ان ڪر ئي انهن سڀني سيد کي قيد ۾ رکيو، پاڪستان ۾ گذاريل پنهنجي زندگي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو سيد جيل ۽ نظربندي ۾گذاريو. مزي جي ڳالهه ته جيڪي حڪمران هڪ ٻئي جا جاني دشمن هئا سي به جي ايم سيد جي مخالف ۾ هڪ پيج تي هئا. جي ايم سيد جي قيد ۽ بند جو سڀ کان وڌيڪ نقصان هن خطي جي عام ماڻهن کي ٿيو ته هتان جي  روشن خيال، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ماڻهن جو. حڪمرانن هڪ طرف سيد کي لڳاتار قيد ۾ رکيو ته ٻئي پاسي سندس خلاف ملڪ دشمني، اسلام دشمني، عوام دشمني ۽ جمهوريت دشمني جي پروپئگنڊا ڪئي جڏهن ته حقيقت ان جي  بلڪل ابتڙ آهي. حڪمران پاڻ جمهوريت دشمن، عوام دشمن ۽ ايستائين  ته ملڪ دشمن ٿابت ٿي  چڪا آهن، جنهن جي شاهدي 74 سالن جي تاريخ ڏئي ٿي. ملڪ جي اڪثر ٻئي حصي جي الڳ ٿي وڃڻ، وري وري مارشل جو لڳڻ، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو عروج تي اچڻ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو وڌڻ، غريب ماڻهن جو تعليم جي تباهي، ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول کان محرومي وغيره.

جي ايم سيد خلاف منصوبن  ۽ مهم ۾ رجعت پسند ۽ کاٻي ڌر جون قوتون ته شريڪ هيون ئي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ترقي پسند سياستدان، دانشور ۽ صحافي به سنڌ جي سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏيارڻ واري مهم  ۾ ليڪ جي هن پاسي بيٺل نظر آيا. حق، انصاف، عوام ۽ انقلاب جو جهنڊو جهليندي اهي همراهه جي ايم سيد خلاف اها ئي ٻولي ڳالهائيندا جيڪا رجعت پسندن ۽ ڊڪٽيٽرن جي هئي. سمورين سازشن، ڪوششن ۽ پابندين باوجود جي ايم سيد جو سنڌ جي قومي حقن بابت فڪر ۽ پروگرام سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي سرحدون ٽپي دنيا تائين پهچي رهيو آهي پر هن خطي ۾ امن، انساني حقن، سيڪيولزم، جمهوريت ۽ ترقي بابت سندس ڪردار ۽ جدوجهد کان هتان جي عوام کي ٿلهي ليکي بيخبر رکڻ ۾ حڪمران ڪامياب ويا آهن. ان حوالي سان جي ايم سيد جي جدوجهد جا ٻه پاسا آهن، هڪڙو نطرياتي، ٻيو عملي.

اڄ جي اصولن جي بنياد تي پاڪستان هڪ قومي رياست هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو (حقيقت ۾ اهو گهڻ قومي ملڪ آهي) انهن جو جنم (مغربي) يورپ ۾ سترهين کان ارڙهين صدي تائين ٿيو، يورپ جي تاريخ جا اٽڪل هڪ هزار سال (پنجين صدي کان چوڏهين صدي تائين) اونداهون دور سمجهيا وڃن ٿا. ان عرصي دوران يورپ تي ٽن عنصرن جي بالادستي هئي، هڪ چرچ، ٻيو جاگيردار ۽ ٽيون (بندوق جي زور تي قائم) سلطنتون. پوءِ وري نئين سجاڳي جو دور آيو ۽ ٽن نون عنصرن پراڻن کي شڪست ڏني. اهي هئا  سيڪيولزرم، سرمائيدار ۽ قومي رياستون. ان ئي عرصي دوران ان شي جنم ورتو جيڪا جمهوريت جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. پاڪستان تي پهرئين ڏينهن کان انهن ٽن عنصرن جي بالادستي ۽ حاڪميت رهي آهي جن جي ڪري يورپ کي اونداهين دور مان لنگهڻو پيو. نتيجي طور جمهوريت اڄ تائين پير پختا ڪري نه سگهي آهي، يورپ کي جمهورت جو منهن ڏيکاريندڙ عنصرن لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد بي مثال آهي. هڪ مضمون جي محدود تقاضائن مطابق اختصار سان انهن جو ذڪر ڪريون ٿا.

سيڪيولرزم جي حوالي سان جي ايم سيد جي 1952ع ۾ ويانا (آسٽريا) ۾ ٿيل عالمي امن ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪيل تقرير مدبري جو هڪڙو نمونو آهي. هڪ  هنڌ هو چوي ٿو:“ حڪومت جي واڳ نام نهاد مذهبي ليڊرن جي هٿ ۾ هوندي ۽ اهي ان کي پنهنجي مخصوص مذهبي عقيدن جي تشريح مطابق هلائيندا، اهڙي مذهبي حڪومت ۾ جمهوريت ۽ آزادي جي اظهار لاءِ ڪا جڳهه نه هوندي، پنهنجي تشريح مطابق اهي اڳ ۾ ئي قومي دولت جي غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي تفريق کي جائز ۽ قانوني قرار ڏئي چڪا آهن. اهي چاهين ٿا ته موجوده عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ انصاف جو ڪليسائي نظام نافذ ڪيو وڃي. هڪ ٻئي هنڌ آهي ته جناب چيئرمين!هي ڪانفرنس امن جي عظيم مقصد  کي اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، مان هن ڪانفرنس جي عيوضين ۽ خاص ڪري برطانيا ۽ آمريڪا جي عيوضين تي هي ڳالهه چٽي ڪرڻ چاهيندس ته برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتون جيڪي مسلمانن کي انهن جي مذهبي عقيدن  جي بنياد تي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن انهن جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، “ان ئي ڏس ۾ سندس شاهڪار ڪتاب، جيئن ڏٺو آه مون ” مون نهايت اهم ۽ نمايان حيثيت رکندڙ آهي.

قومي وحدتن جي خودمختياري ۽ ان سان ڳنڍيل عملي جمهوري جدوجهد ۾ به سيد جو رول بنيادي حيثيت جو رهيو آهي. هن1948 ۾ آزادي ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊرن عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، قصور گرديزي ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز  آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو. جنهن جي پروگرام ۾ چيو ويو ته اندروني جهڳڙن ۽ مختلف وحدتن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جو جمهوري طريقو اهو آهي ته پاڪستان کي آزاد ۽ خودمختاري جمهوريائن جو اتحادcoalition of free socialist republics ٺاهيو وڃي.

جمهوريت لاءِ جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي آهي هتي صرف چند جهلڪيون ئي پيش ڪري سگهجن ٿيون.1957ع ۾ سنڌ، پختونخوا، بنگال، بلوچستان ۽ پنجاب جي جمهوريت پسندن سان گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهيائين جنهن جي جدوجهد صوبائي خود مختاري ۽ جمهوريت لاءِ هئي. مک ليڊرن ۾ سيد کان سواءِ مولانا عبدالحميد ڀاشاني، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، ميان افتخارالدين ۽ حيدر بخش جتوئي شامل هئا. 1958 ۾ مارشلا لڳڻ پويان هڪڙو مقصد نعپ جي جدوجهد روڪڻ هو. پاڪستان ۾ جمهوري اصولن مطابق بالغ راءِ دهي جي بنياد تي پهرين ۽ اڄ تائين جي واحد آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن ٿي ته جي ايم سيد جي جماعت سنڌ متحده محاذ سان اتحاد ڪيو جيڪا پارٽي انهن ٽنهي جمهوريت مخالف قوتن ملا، ملٽري، جاگيردارن جي اتحاد کي چيئلنج ڪري رهي هئي، اهو پاڪستان ۾ جمهوريت اچڻ جو شاندار پر آخري موقعو هو پر انهن بالادست جمهوريت مخالف قوتن جي ڳٺ جوڙ عوامي ليگ جي حق ۾ عوام جي واضح فيصلي کي تسليم نه ڪيو، نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ جمهوريت جي سمورن امڪانن مان مايوس ٿي سيد پنهنجي جدوجهد جو مرڪز ۽ مقصد پنهنجي وطن سنڌ کي بڻايو.