” فاضل فضيلت جو ڌڻي “

0
133
" فاضل فضيلت جو ڌڻي "

  آءٌ ۽ ماما عارب (گل حسن ڪيڙانو)، سن مان سائين جي ايم سيد جي سالگره تان موٽياسين. سج لهي انڌارو ٿي چڪو هو . ڄامشورو ڦاٽڪ تي لهي نورنبي راهوجو جي گهر وياسين . اسان کي اتي خبر پئي ته فاضل صاحب شھيد ٿي ويو آھي . اهڙي خبر ريڊيو تي به هلي آھي. ڳالھه ٻڌڻ سان زمين پيرن هيٺان نڪري وئي . اسان پاڻ ۾ به ڳالهائڻ جو ست نه سمجهيو ، خاموشي سان هڪٻئي ڏانهن چتائي پئي ڏٺوسون. ذھن ۾ڪئين خيال ۽ سوچون گردش ڪرڻ لڳيون. هيڏو قداور ڌڱ مڙس ڪيئن شھيد ٿيو؟ ڪنهن جي سازش؟ ڪنهن جي جرات؟ عوامي تحريڪ هاڻ اوج تي هئي ته مٿان هيء وار ٿيو آھي . پارٽيء جو ڇا ٿيندو؟ وغيره وغيره . انهي ئي پير تي واپس ٿياسون، سوزوڪي تي حيدرآباد شهر ۽ پوءِ اتان ٽنڊو محمدخان پهتاسون . جتان پوءِ ڪنهن سواريءَ تي رات جو دير سان راهوڪي پهتاسون. سڄيءَ سنڌ مان سڀ رڙندا، دانهون ڪندا پهچندا ويا . هن قيامت خيز ڪاري ڏينهن لاءِ سندس چاهيندڙ ۽ ڪارڪن تيار نه هئا. ڪير سندس ڳالهيون ڳڻي .

  1979ع ۾ سندس ئي ڳوٺ راهوڪيءَ ۾ ضيائي مارشلا ۾ هزارن جي اجتماع ھاري ڪانفرنس جي ڏوھ ۾ پنهنجي سٿ سان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڀڀڪيون ڏيندڙ ھيء ارڏو ۽ ڪنڌار قيدين جو واهرو ۽ ڌڻي ٿيو بيٺو آھي. نوجوان شاگردن سان ونجھه وٽي راند، پڙھائي، رڌ پچاءُ، ماڙيءَ تي قيدين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ. همٿون ڏيارڻ، سزائن ۽ سختين کي منهن ڏيڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل. ٻاهر نڪتو، رات ڏينهن هڪ ڪري، تنظيم سازي ڪري، ٽيم ورڪ جوڙي، تحريڪ کي زور وٺرائڻ. ايم آرڊيءَ جا جلسا. روپوشيون. وري گرفتاريون. مچ جيل ، لانڍي جيل. سندس موڀي پٽ محمد صديق جي جيل دوران وفات . زهر جا ڪيپسول، مچ جيل ، سول اسپتال ۽ لانڍي جيل ۾ ملاقات . اي اين پي جي اڳواڻي . دال چانور، رکي سکي ساٿين سان گڏ ماني ٽڪي. هرڪنهن جي سنڀال. مسئلن کي ڳولهي جانچي هٿ ڪري، هڙان وڙان ڏئي به حل ڪرڻ . ان کان به اڳي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، صحافين ۽ ٻوليءَ جي جدوجهد. هارين کي بئراج جون زمينون ڏيارڻ. راڄن ڀاڳن، برادرين جا فيصلا ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ. هن ڪنڌار ۽ مٿير مڙس جون ڳالهيون اڄ تائين ٻرن پيون .

” راڄن راڻو راھو فاضل

قوم سڄيءَ جو ڪاھو فاضل “

شھيد عوام محمد فاضل راھو  1930 جي ڏھاڪي ۾ بدين ضلعي جي لاڙ پٽ راھوڪي ڳوٺ ۾ ھوند واري مالوند گھراڻي احمد راھو جي گھر ۾ پيدا ٿيو . کين پٽ جو اولاد ڪونه بچندو ھو تنھنڪري رواجي سوڻ ڪري کيس ناٿو به سڏيو ويندو ھو ـ  سنڌ جي خمير مان پيدا ٿيل ھن ارڏي انسان ۾ ڀلي ھجڻ جون سڀ خصلتون ننڍي ھوندي کان ئي  موجود ھيون. سخا، ھڙان وڙان ڏئي حاجتمندن جي مدد ڪرڻ، اخلاق، مظلومن جي واھر، بردباري، بھادري، سچ، سادگي، ڏيان، ظلم خلاف پھاڙ ۽ ٻيون انيڪ انساني گڻن جون خصلتون سندس طبعي فطرت ۾ سمايل رھيو.ن.

عوام جي خدمت، ڀلائي ۽ چڱاين جا سوين ھزارين سندس قصا پيا ڳائجن. لکين ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمينون غريب ھارين کي الاٽ ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي ھلچل ۽ آمريت خلاف پراثر لاڀائتي ايم آرڊي جي تحريڪ جو سپھه سالار شھيد فاضل راھو سنـڌ ۽ مظلوم انسانذات جي تاريخ جو نو لکو ھار آھي، جنھن تي قوم ۽ انسانيت کي فخر آھي.

مرڪون نه تنھنجون مرنديون ۽ وير تنھنجا ورندا،

فاضل جي رت ڦڙي مان فاضل نوان نڪرندا.

17 جنوري 1987 تي کيس گولاڙچي شھر ۾ آمر ضياء جي دور ۾ شھيد ڪيو ويو ـ