اوٻاوڙو ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي نوجوان چيڀاٽجي فوت

0
148
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان الائينس شوگر مل وٽ 18 سالا نوجوان واجد علي پٽ حافظ عبدالسليم ملڪ جو پير سلپ ٿيڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو

نوجوان چوپائي مال جي چاري لاءِ مل تان مڏ ڀري گهر ڏانهن واپس اچي رهيو هو ته پورهيت  مڏ تان پير سلپ ٿيڻ سبب روڊ تي ڪري پيو ۽ مٿان ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي چيپاٽجي  فوت ٿي ويو

واقعي بعد اوٻاوڙو پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو مڙه وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو