ن ليگ ۽ پ پ جي ڪرپٽ قيادت ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن به معاملي تي ڳالهائڻ نٿي چاهي: فواد چوڌري

0
305
پي ٽي آءِ پاران اليڪشن

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊ سڌارا، عدليه ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا اچن، پر اهو اپوزيشن کانسواءِ ممڪن ناهي

پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ هن چيو آهي ته نون ليگ ۽ پ پ جي ڪرپٽ قيادت پنهنجن ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن به معاملي تي ڳالهائڻ نٿي چاهي

هن چيو ته آهي جيڪڏهن نون ليگ پاڻ کي شريف خاندان کان الڳ ڪري ته اها مثبت اڳڀرائي هوندي

وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نواز شريف هر ڏکئي وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن ۾ پناهه ورتي، اهڙي ليڊر جي ڪا به عزت ناهي رهندي