پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ کانڀڙي ڦلپوٽا ۾ پراسرار طور گولي لڳڻ  ڪري 20 سالن جو نوجوان سجاد پٽ خميسو عرف لالو ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان سجاد پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب نوجوان سجاد کي پويان پٺيءَ ۾ گولي لڳل آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته  معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.