خانپور (ن پ ا) خانپور ويجھو رحيم آباد جي ڳوٺ ٻڍاڻي سومرو ۾ ڀٽي شاخ ۾ 5 ورھين جو محمود پٽ عبدالخالق  سومرو ۽ 6 ورھين جو ولي محمد پٽ راشد سومرو  وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻارڙن جا لاش ڪڍي گھرن ۾ آندا ويا،  معصوم ٻارڙن جا لاش گھرن ۾ پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ٻئي طرف ٻنھي فوتي ٻارڙن جا لاش جنازي نماز بعد سندن جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.