ڪراچي: سنڌ ڪابينا پوليس جي جاچ آفيسرن لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي، گهروکاتي پاران ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انهي الائونس سان مختلف ڪيسن جي مناسب جاچ ٿي سگهندي ، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اهو الائونس اي ايس آءِ کان وٺي ايڊيشنل آءِ جي رينڪ جي آفيسرن لاءِ هوندو، نيب ۽ ٻيا ادارا پڻ  پنهنجن آفيسرن  کي اهڙو الائونس ڏين ٿا، وڏي وزير چيو ته آءِ جي پاران جاچ جي شعبي لاءِ 1.979 کان وٺي 2.519 ارب رپين جي رقم گهري آهي، ڪابينا جاچ آفيسرن کي 2022ع جي بيسڪ پي اسڪيل  آڌار خصوصي جاچ الائونس ڏيڻ جي منظوري ڏني، انهي سان سرڪار تي 442.471 ملين رپين جو بار پوندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جاچ آفيسرن لاءِ هڪ سرٽيفڪيشن ڪورس متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ رڳو تصديق شده جاچ آفيسرن کي اهو الائونس ڏنو ويندو، جيڪو آفيسر ڪيس جي هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ايس ايس پي (جاچ) انهن جا نالا خارج ڪري ڇڏيندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو  ته معطل توڙي خراب ڪارڪردگي جي بنيادن تي سي پي او سميت لائين حاضر ٿيل يا رپورٽ ٿيل آفيسر پڻ انهي الائونس لاءِ اهل نه هوندا.