ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ماحول دوست 250 اليڪٽرڪ ٽيڪسيون  متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪالهه ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ عوام جي سهولت لاءِ 25 ارب جي لاڳت سان 500 نيون بسون خريد ڪري پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪيون وينديون. هن هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۾ هٽڙي کان کيسانه موري تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو وڃي، ايندڙ 3 ڏينهن دوران آزمائش بس هلائي وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ بيڪ اپ ۾ بيٺل بسن کي به عوام جي سهولتن لاءِ فوري طور فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد جي  گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي  جي شاگردن ۽ استادن لاءِ به پيپلز بس هلائي ويندي