ڪراچي: روينيو واري وزير مخدوم محبوب برسات متاثرين کي گهرن جي فراهمي بابت ٻڌايو ته برساتن دوران تباهه ٿيل اڪثر گهر سرڪاري زمين تي اڏيل هئا،  انهن گهرن جي زمين کي ڳوٺ آباد اسڪيم، ڳوٺ آباد هائوسنگ پروگرام، ريگيولرائيز آف دي وليج پروگرام ڪچي آبادي ايڪٽ جي تحت ريگيولرائيز ڪري سگهجي ٿو، ڪابينا فيصلو ڪيو ته انهن گهرن کي سندن ڪيٽيگري موجب ريگيولر ڪيو وڃي ته جيئن پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏني وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل ڊي سيز کي حڪم جاري ڪري ته اهي پلاٽ جلد کان جلد ريگيولر ڪن ته جيئن متاثر ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي.