پوليس آپريشن ۽ ڪچي جون ڪيٽيون

0
221
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

شڪارپور ضلعي جا وڏا پوليس عملدار ڀلي ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ڏوهي واردتن ۾ گهٽتائيءَ جون وڏيون دعوائون ڪن پر شڪارپور ضلعي ۾ قانون جي ڪمزوريءَ کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ حقيقت اها آهي ته ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلي جو ڪچو هن مهل به ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن جي اهڙي ان آفيشل سلطنت بڻيل آهي جتي سندن مرضي کانسواءِ پوليس جو وڃڻ ته ڇا پکي به پر نٿا هڻي سگهن. شڪارپور ضلعو جتي ڪافي وقت کان قانون ۽ پوليس جي رٽ ايتري ته ڪمزور بڻيل آهي جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سطح جهڙا آفيسر نه صرف ڏوهارين هٿان نه صرف گولين جي بک بڻجن ٿا پر ڪچي جا ڌاڙيل انهن واقعن جي فخر سان ذميواري قبول ڪن ٿا ۽ عام پر اڻ پڙهيل ۽ ڄٽ طور سڃاڻپ رکندڙ ڌاڙيل سوشل ميڊيا جو نه صرف استعمال ڪن ٿا پر پنهنجين ڪاررواين جون ڪهاڻين وانگر وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ به ڪن ٿا.
سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ ڏوهارين ۽ ناليوارن ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن رونشو بڻيل آهن. پوليس آپريشن جي نالي ۾ فنڊ خرچ ڪري ٿي پر اهڙن آپريشن سان ڏوهارين کي لهر نه ڪو لوڏو آهي، پوليس آفيسرن جي غلط حڪمت عملين سبب ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيل پوليس آپريشن ناڪام ثابت ٿيا آهن. چڪ ۽ سکر جو گڏيل ڪچي وارو علائقو شاهه ٻيلو هجي يا ڌاڙيلن لاءِ جنت بڻيل شڪارپور جي ڪچي وارو علائقو ڳڙهي تيغو هجي پوليس قيادت جي ناڪام حڪمت عملين سبب سدائين پوليس جوانن جون ئي شهادتون ٿيون آهن، آپريشن دوران ٻيلن ۾ رهندڙ ڏوهارين جو وار به ونگو نه ٿيو آهي. انڪري ئي عام ماڻهن ۾ هاڻي اهو تاثر سگهارو ٿيڻ لڳو آهي ته جيڪا پوليس پنهنجو تحفظ نٿي ڪري سگهي اها پوليس عوام جي حفاظت ڪيئن ڪندي؟
جيئن ڪالهه شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو ۾ ٿيو آهي جتي اغوا ٿيل ٻن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ويندڙ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس تي گهات هڻي ويٺل ڏوهارين جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار منور جتوئي، جهانزيب اڄڻ، فوٽو گرافر حسيب شيخ شهيد ٿي ويا آهن ۽ پوليس آپريشن اڌ ۾ ڇڏي شهيد جوانن جا لاش کڻي واپس موٽي آئي آهي.
ڌاڙيلن کان هر ڀيري رسوا ٿيڻ ۽ جاني نقصان ڪرائڻ باوجود شڪارپور توڙي پوليس جي اعليٰ قيادت ڪچي وارن علائقي ڳڙهي تيغو کان شاهه ٻيلي تائين آپريشن جي حڪمت عملي تبديل نه ڪئي آهي جنهن جو نتيجو ان سنڌي چوڻي وانگر نڪتو آهي ته “وئي سڱن لاءِ پر ڪن به ڪپائي آئي”. ڪوبه ادارو نااهليءَ جو مظاهرو ڪري ته ان ڪوتاهي ۽ مجرماڻي غفلت مان سبق سکي ان مان ئي نه صرف بهتريءَ جا نوان گس ڪڍي سگهجن ٿا پر سڌاري جا امڪان به پيدا ڪري سگهجن ٿا پر جڏهن ڪنهن اداري جي گهڻائي اداري جي بنيادي مقصدن جي ئي ابتڙ لڳي وڃي ته اهڙي نااهليءَ کي بار بار درگذر ڪرڻ جو جواز باقي نٿو بچي. اهڙن ئي ادارن مان هڪ ادارو پوليس پڻ آهي، جيڪو جوڙيو ته قانون کي لاڳو ڪرڻ ۽ عوام جي جان مال جي تحفظ لاءِ ويو آهي پر اهو ڪم ان بنيادي مقصدن جي ابتڙ ڪري رهيو آهي. ايئن چوڻ به سڌي سنئين زيادتي هوندي ته پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ بهادر فرض شناس آفيسر ناهن پر بنيادي ڳالهه اها به آهي ته اهڙن ماڻهن جو تعداد ايترو ته گهٽ آهي جو اهي پوليس جي “ڏوهاري دوست” واري سڃاڻپ جي تاثر کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.
هن وقت شڪارپور ۽ڪشمور ضلعا جيڪي برادري تڪرارن سبب ٻري رهيا آهن اتي هاڻي ڏوهه به وڏيرن ڀوتارن جي معيشت بڻجي ويا آهن، ڪوبه پوليس آفيسر ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري ٿو ته انهن کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ٿو وڃي جنهن سبب ڏوهاري مڪمل تياريءَ سان گهات هڻي ويهن ٿا ۽ نتيجي ۾ پوليس بنا حڪمت عملي جي ڪيل جلد بازيءَ سبب پنهنجو نقصان ڪرائي واپس موٽي اچي ٿي.  ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪالهوڪي آپريشن بابت ڏوهارين کي اڳواٽ اطلاع ملي چڪو هو جنهن کانپوءِ مضبوط مورچن ۾ گهات هڻي ويٺل ڌاڙيلن پوليس تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جوانن جو جاني نقصان ٿيو آهي.
ڪالهوڪي پوليس آپريشن واري واقعي کانپوءِ اسان کي ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور جي ڪچي شاهه ٻيلي ۾ ٿيل اهو آپريشن ياد آيو جنهن پوليس آپريشن دوارن اي پي سي مشينن ۾ گوليون آر پار ٿيڻ سبب لکي ٿاڻي جو ايس ايڇ او غلام مرتضي ميراڻي، اي ايس آءِ چڪ ذوالفقار پنهوار ۽ اي پي سي جو ڊرائيور لاهوتي ذوالفقار عباسي شهيد ٿي ويا هئا. هن آپريشن ۾ به ساڳئي حالت ٿي آهي جنهن کانپوءِ اهو سوال واجب آهي ته اهڙين ناڪارا گاڏين جي خريداري ڪيئن ٿي ڪنهن ڪئي؟ انهن سوالن جا پيرا کڄڻ کانپوءِ حڪومتي ڪارڪردگيءَ لاءِ پڻ سوال پيدا ٿا ٿين ته اهڙيون جڏيون گاڏيون ڪٿان ڪيئن خريد ڪيون ويون جيڪي بليٽ پروف نه هجڻ ڪري ٽيون ڀيرو پوليس جوانن جي شهادت جو سبب بڻيون آهن.
اهڙي صورتحال باوجود سنڌ جو گهرو کاتو توڙي سنڌ سرڪار سموري معاملي کان ڄڻ ته بلڪل لاتعلق بڻيل آهن. سنڌ ۾ هٿيارن جون فيڪٽريون ته ناهن جتي ڳرا هٿيار ٺهندا هجن پوءِ اينٽي ايئر ڪرافٽ، ايل ايم جي، جي ٿرين ۽ مارٽر گولن جهڙا هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪٿان ٿا اچن؟ اسان پهريان به هنن ڪالمن، اخباري ڊائرين وسيلي اها گهر ڪندا رهيا آهيون ته ٻيلن اندر ڳرن هٿيارن جي پهچ جا سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪرڻ سان ئي امن امان قائم ٿي سگهي ٿو ۽ هاڻي هميشه جيان سرڪار کي سکڻن اعلانن کان اڳتي وڌي نه صرف ترت تحرڪ وٺڻو پوندو پر پوليس کي پڻ ڏوهارين لاءِ مخبري ڪندڙ نااهل نفريءَ کان پاڪ ڪري ذاتي مفادن جي حصول خاطر ڏوهه ڪرائيندڙ ڏوهارين جي پشت پناهي ڪندڙ ڀوتارڪي مخلوق کي پڻ قانون جي گرفت ۾ آڻڻو پوندو.