پنهنجي سائنس سياري مريخ جي هڪ حيرت انگيز ڳالهه

0
200

الفت حسين پتافي

جئين ته پوري زمين تي سڀ کان اوچو جبل مائونٽ ايوريسٽ آهي جيڪو تقريبن پوڻا 9 ڪلوميٽر ڊگهو آهي پر اسانجي پوري سولر سسٽم جو سڀ کان اوچو جبل مريخ تي آهي جنهن جو نالو اولمپس مانس آهي. هي جبل تقريبن 25 ڪلوميٽر اوچو آهي ۽ هن جو ڊاياميٽر 600 ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي يعني سنڌ صوبي جي ڊيگهه جيترو.
جئين ته پراڻين پوسٽن ۾ اسان جبل ٺهڻ جا سبب پڻ بيان ڪيا هيا، هڪ سبب اهو آهي ته ڌرتي يا ڪنهن به سياري تي ٽيڪٽانڪ پليٽس جي ٽڪرائڻ ڪري ٽڪراءُ واري جاءِ اوچي ٿيندي ويندي آهي جيڪو ڪنهن جبل جي شڪل وٺندو آهي. پوري هماليه جو جابلو سلسلو جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڌرتي جون بلند ترين چوٽيون شامل آهن اهو ڪروڙين سالن کان انڊين ۽ سينٽرل ايشين ٽيڪٽونڪس پليٽس جي ٽڪرائجڻ جي ڪري ٺهيو آهي.
ٻيو جبل ٺهڻ جو طريقو آهي آتش فشان يا ٻرندڙ جبل جو ڪروڙين سالن تائين هڪ خاص جاءِ تان لاوو اوڳاڇڻ جيڪو ڪروڙين سالن ۾ جمع ٿيندي ٿيندي هڪ جبل جو روپ وٺندو آهي. ڌرتي تي اهڙي قسم جو سڀ کان اوچو جبل آفريڪا ۾ ڪليمن جارو آهي.
مريخ تي اهو سڀ کان وڏو جبل به ڪروڙين سالن کان مريخ جو لاوو وھڻ ڪري ٺهيو آهي. مريخ جي ان بلند ترين چوٽي جي آسپاس ٻيو ڪوبه جبل نه هجڻ ان جو ثبوت آهي ته اهو ٽيڪٽانڪ پليٽس جي ٽڪراءُ ڪري نه پر لاوي جي ڪري ٺهيو آهي، لاوو جبل جي منهن وٽان هيٺ وھڻ شروع ڪندو آهي ۽ چوڌاري ڦهلجي ڪري اهڙي جبل جو روپ وٺندو آهي، ان ڪري ئي هي جبل 600 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ويڪرو آهي. ساڳي ئي طريقي سان آفريڪا کنڊ جو سڀ کان اوچو جبل مائونٽ ڪليمن جارو به ٻرندڙ جبل مان وهندڙ لاوي مان ٺهيو آهي.
ان جي برعڪس هماليه جبل ڪيترائي هزار ڪلوميٽر ڊگهو آهي، سبب اوهان جي سامهون آهي. ڪجهه سال مڪران جي سامونڊي ڪناري لڳ لاوو نڪرڻ ڪري به ڪجهه ٻيٽ ٺهيا هيا ۽ ڌرتي تي اهڙا واقعا هر مهيني ٿيندا رهندا آهن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)