تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ بچايو: سوشل ميڊيا تي مهم

0
219

تاريخي ماڳ ليلان جي آتڻ تي مبينا قبضي، ڪم ڪندڙ شاگردن ۽ آرڪيالاجي جي چوڪيدار تي مبينا حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي سرڪار کان تاريخي ماڳ بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ شاذ خادم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صفدر آرائين جي ڀائرن ليلان جي آتڻ تي ڪم ڪندڙ شاگردن ۽ آرڪيالاجي جي چوڪيدار تي حملو ڪري بدتميزي ڪئي آهي، جنهن تي منصور احمد کنڊ، انصاف لاشاري، جنيد سنڌي، آفتاب سنڌي، بهادر علي، سميع شر، ايڊووڪيٽ امتياز، ذاڪر بلوچ ۽ ٻين حملي جي مذمت ڪئي، دلشاد شر لکيو ته هي قومي ماڳ هنن جو ناهي هي ڇو داداگيري ڪري رهيا آهن. تصور باقي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليلان جي آتڻ تي آرڪيالجي ماهر پاران معمولي کوٽائي دوران خوشحال شهر دريافت،گهر، گهٽيون، باٿ روم، آڳنڌ مڪمل پڪا، الزامن هڻندڙن جو ڇا ٿيندو، جنهن تي سڪندر علي لکيو ته حڪومت قديم آثارن جي مالڪي نٿي ڪري، فدا حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليلان جي آتڻ واري اثاثي جي بقا لاءِ آخر تائين نڀائيندڙ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ وڪيل نورمحمد تنيو ۽ سندن پوري ٽيم جي ڪوششن آخرڪار ليلان جي آتڻ واري علائقي ۾ دفن ٿيل اڏاوتن کي ظاهر ڪيو، جنهن تي زاهد سنڌي لکيو ته سنڌ جي قديم ماڳ جي مالڪي ڪئي وئي آهي، زاهد حسين تاريخي ماڳ جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته جن ماڻهن فيض گنج تعلقي جي قديم ماڳ ليلان جي آتڻ جي وجود کان انڪار پئي ڪيو هي تصويرون انهن لاءِ آهن، افسوس جو ذاتي مفادن لاءِ ورثي جي مالڪي بدران قبضا ڪندڙن جي سپورٽ ڪئي وئي، حسين آدرش پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قديمي ماڳ آرڪيالاجيڪل سائيٽ ليلان جي آتڻ تي وڃڻ ٿيو جتان ۾ تصويرن ۾ ڏيکاريل ڍڳي جو مجمسو، ٽامي جا زيور، جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪانڀاڻي جا پڪل ڳوڙها هٿ آيا، دريافت ٿيل ڪمري جا بنياد به ڏٺا، ٽامي جا ڇلا لڳي ٿو ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڌاتن کي ملائي ٺاهيا ويا آهن، جيڪا عمارت دريافت ٿي آهي ان ۾ لڳل سرون اڄ تائين اسان ڪٿي نه ڏٺيون آهن، جيڪي سائز ۾ وڏيون آهن، افسوس ته هن قديم ماڳ جي تباهي تي سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارا ننڊ ۾ آهن، قديم ماڳ جي مالڪي لاءِ آواز اٿاريو وڃي. جنهن تي عبداللطيف لکيو ته وڏيون قيمتون شيون مليون آهن، غلام مصطفيٰ شر لکيو ته نيٺ ته فتح ٿيندي، ايڊووڪيٽ صداقت ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليلا جا آتڻ وٽان شهر دريافت، کوٽائي دوران پوريل ديوارون مليون، ماهرن موجب موهن جو دڙو جيان شهر آهي، وڌيڪ کوٽائي دوران مڪمل نظام ملندو لکين سال اڳ هتي به شهر هو، ادارن سميت هر شهري کي پنهنجي تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، مختلف ملڪن ۾ تاريخي ماڳ بچائي اتي اربين رپيا تفريح ماڳ ذريعي حاصل ڪيا ويندا آهن جڏهن ته هڪ علم پڻ آهي. جنهن تي عاقب شر لکيو ته هنن کي ڪهڙي خبر ته تهذيب ڇا ٿيندي آهي تفريح ماڳ ڇا ٿيندا آهن، حسين جاويد لکيو ته اهو ته گهڻو وقت اڳ مقامي ماڻهن ظاهر ڪري ڇڏيو هو ڪجهه سال اڳ ماڻهن اتان سرون ڪڍي گهر به ٺاهي ورتا، سرمد اياز نور محمد تنيو جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آرڪيالاجي جي ماھرن جي ٽيم کي ماڳ جي درميان واري حصي جي ٻن جاين تي جڳھن جي اڏاوتن جا نشان دريافت ٿيا آھن جيڪي ڀتين جي صورت ۾ آھن، موھن جي دڙي جي ماڻهن ئي اهو شهر اڏايو هوندو ڇو ته ڀٿين جي اڏاوت، طرف ۽ ماپ هڪجهڙائي رکن ٿا، ماڳ تي ڪيترائي انساني ڍانچا مليا آھن جن جو رڪارڊ ٺاھيو ويو آهي، قبضا مافيا طرفان بلڊوزر ۽ ھيوي مشينري ھلائي مسمار ڪيو ويو آهي جن جا ڀڳل ٽٽل ھڏا وک وک تي ڦھليل آھن، تاريخي شيون مليون آھن جيڪي آڳاٽي سنڌ جي رھڻي ڪھڻي ۽ ڪلچر جو ڏس ڏين ٿيون، موھن جو دڙو جي ڏاند وارين مورتين سميت تمام وڏو حيرت انگيز مواد ھٿ آيو آهي جن ۾ موتي، ٺڪر جا ٿانو، سون، رانديڪا، مورتيون، سڪا، جنڊ، ھڏا، شيشو، تور جا وٽ وغيرا شامل آهن.