اشو آف دي ڊي عورتن جي قتل ۽ تشدد وارن واقعن ۾ واڌ: جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو

0
207

سڄي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ قتل جي واقعن تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي متاثر عورتن سان انصاف ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ حسين مسرت پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ ئي ڏينھن سنڌ اندر 3 عورتون قتل ڪيون ويون، ارڙھن جولائي تي منظور آباد ۾ قتل ڪيل شھنيلا ماڇي جو لاش ظاھر، مائٽن ۽ مبينه طور ايف آئي ۾ ملزم قرار ڏنل امان الله جا ھڪٻئي تي قتل جا الزام، اھي به چوٻول آھن ته کيس پنھنجي ڀاءُ ڪاري ڪري ماريو آھي. پوليس کان جاچ جو مطالبو ڪجي ٿو، 24 جولاءِ تي هڪ ڏينهن ٽئي قتل هڪ جنسي زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيو، ڳيريلو ويجهو عيد تي پيڪين آيل ڪراچي واسڻ 32 سالن جي فرزانه ابڙو قتل ٿي وئي، ، ڪنڊيارو ۾ يتيم نينگري شبانه کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جهڏو ۾ 19ورهين جي جهمڪي ڪولهي جي مبينا خودڪشي جو واقعو ٿيو، حيدرآباد ۾ فرزانه زال محمد نعيم پراسرار نموني فوت، والدين مڙس تي تشدد ڪري مارڻ جو الزام هنيو. 23 جولاءِ تي 6 عورتون قتل ٿيون، ٺري ميرواهه ۾ صورت زادي مڙس هٿان، ميرپور ماٿيلو ۾ سگهڙ لنڊ مڙس هٿان قتل، اوٻاوڙو ۾ شادي تقريب مان معصوم سنڌيا کي اغوا بعد قتل، ڄامشورو شهنيلا ماڇي منظور آباد ۾ قتل ڪئي وئي. اهڙين پوسٽن تي صنم جاگيراڻي لکيو ته ظلم وڌي ويو آهي، سيده قرت شاهه لکيو ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي، مشتاق ميراڻي افسوس جو اظهار ڪيو، نادر مگسي لکيو ته سماج ۾ درندگي وڌي وئي آهي، قانونسازي جي ضرورت آهي، ثمينا راجپوت لکيو ته قرت العين ۽ نور مقدم جو به قتل ٿيو، حسن احمد، راشد امان کوکر، ثانيه مگسي ڏک جو اظهار ڪيو، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهنيلا شاهه جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، مبين اڄڻ روبينا اڄڻ جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو. روميصه ملڪ مقتولا نور مقدم، قرت العين ۽ ٻين جون تصويرون شيئر ڪندي چار عورتون هڪ ڪهاڻي، گهريلو تشدد، جنهن تي راجا ڪامران افسوس جو اظهار ڪيو. شفقت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن قانون جي بالادستي هجي هان ته حيدرآباد جي عيني بلوچ قتل نه ٿئي ها، قاتل کي عبرتناڪ سزا ملي ته مستقبل جون عيني بلوچ قتل ٿيڻ کان بچي وينديون، بااثر قاتل جا ساٿاري چئن ٻارن جي ماءُ جي وارثن تي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، معصوم زهرا جو مطالبو آهي ته پئسا نه پر منهنجي ماءُ جي قاتل کي ڦاهي ڏيو. علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽنڊوڄام ۾ هڪٻئي عمر ميمڻ پنهنجي زال کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت ڪراچي نيندي فوت ٿي وئي، عورتن تشدد وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي. جنهن تي ساگر امير حيدر لکيو ته موقعي تي سزائن تي عمل ٿئي ته ڪجهه فرق ضرور ايندو.صنم منگي لکيو ته عورتن جي قتل ۽ تشدد وارن واقعن کي روڪيو وڃي.