پنهنجي تصوير ڪهاڻي

0
139
پنهنجي تصوير ڪهاڻي

 سوشل  ميڊيا تي هن ڊگهي قد واري نوجوان جي تصوير وائرل ٿي آهي جنهن بابت سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي  ڊگهي قد وارو نوجوان مداح حسين شاهاڻي تعلقي سوڀوديرو جي ڳوٺ مير خان شاهاڻي سان تعلق رکي ٿو، مداح  حسين شاهاڻي جي عمر  21 سال آهي ۽ سندس قد ست فٽ چار انچ آهي،  بيروزگار نوجوان آهي. سنڌ جي شعور کي سندس مالڪي ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي. سوشل ميڊيا تي اهو به ڄاڻايو ويو ته عام طور تي قد جي واڌ 18 سالن جي عمر ۾ پوري ٿي ويندي آهي. غير معمولي قد ۽ 18 سالن جي عمر کانپوءِ قد ۾ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ طبي معائنو ۽ ٽيسٽون ڪرائجن. جيترو جلد اوترو بهتر. قد جو غير معمولي ۽ مسلسل وڌڻ بيماري جون علامتون آهن. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته هن نوجوان جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.