گاجي کهاوڙ (ن پ ا) 3 ڏينهن اڳ گاجي کهاوڙ _ وارھ روڊ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار وارھ جي رپورٽر اياز  چانڊيو ۽ صحافي اصغر ميراسي کان هٿياربند موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم جي ڦُر ڪري فرار ٿي ويا هئا، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ضلعي جي صحافين وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي بشير احمد بروهي سان ملاقات ڪئي، صحافين نوراحمد کوسو، محرم چانڊيو، عبدالحميد گوپانگ، مدثر کهاوڙ مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،  ايس ايس پي صحافين کي انصاف جي خاطري ڪرائي هڪ ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي.