ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد ويجهو يوسي واهڙ مان ايس يو پي ۽ پي  ٽي آء ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. ايس يو پي جي اڳواڻ قادر نواز ٿيٻو ۽ پي ٽي آء اڳواڻ بدرالدين پنهور جي گرفتاري خلاف انڊس هاء وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ايس يو پي ۽ پي ٽي آء ڪارڪنن روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ٽرئفڪ معطل ڪرائي ڇڏي، ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، پي ٽي آء اڳواڻ سيد محمد علي شاه ۽ ٻيا بہ موجود رهيا، ڌرڻي سبب دادو حيدرآباد روڊ ٻنهي پاسن کان بند ٿيو جنهن دوران  گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي سبب مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ منهن ماريون پڻ ٿيون، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙي خطاب ڪندي چيو تہ پوليس پ پ جي ونگاري بڻيل آهي، مخالفن کي بناجواز جي حراسان ڪيو پيو وڃي، پ پ مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي، هن چيو تہ پوليس پ پ جي ڪمداري ۾ مصروف آهي، مڪاني چونڊن دوران پوليس گردي ٿي رهي آهي پر افسوس تہ اليڪشن ڪميشن خاموش آهي، ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. اسين اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي پ پ وارن کي بدترين شڪست ڏينداسين.