حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ راهوڪي پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل ڊاٽسن ڊرائيور  حنيف ڪاتيار جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 4 جوابدارن جي ضمانت ۾ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. معطل ايس ايڇ او اقبال عباسي، اهلڪار خميسو نونداڻي، عابد علي ۽ سليمان سولنگي پيش ٿيا جڏهن ته ڪيس جو فريادي انصاف ڪاتيار به پهتو. ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ڪئي. جوابدارن جي وڪيل آگاهي ڏني ته فوتي کي ڦر واقعي بعد لوڪيشن ٽريس ڪري پوليس ٽنڊو آدم مال پڙي مان گرفتار ڪيو هو ۽ کيس ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جتي هن جي حالت خراب ٿي ۽ هو فوت ٿي ويو هو. فريادي جي وڪيل ٻڌايو ته ڊاٽسن ڊرائيور کي پوليس ٿاڻي منتقل ڪرڻ بعد مبينا وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن دوران هو فوت ٿيو. ايس ايڇ او پنهنجي ڪار ذريعي اهلڪارن جي مدد سان ڊرائيور کي بيهوش سمجهي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران فوتگي جي تصديق بعد هو سندس لاش لاوارث حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي حڪم ڏنو ته هو 27 جون تي تياري سان پيش ٿين. عدالت ٻڌڻي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ فريادي ڌر ۾ ٺاهه لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن جنهن ڪري معاملو عدالت ۾ به التويٰ جو شڪار بڻجي رهيو آهي. ذريعن تصديق ڪئي ته ايس ايڇ او اقبال عباسي فوتي ڌر کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڳري رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي پر اڃا تائين وارثن پاران ان معاملي جي ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.