اسلام آباد: ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي مطالبي تي قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاء هنگامي بنيادن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ بعد رد عمل ڏيندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن به معاهدي کي پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو آھي، حڪومت روڊن تي ايڪشن ڪيو تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏنو، ماڻهو قتل ٿيا 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، وزير اعظم قومي اسيمبلي ۾ ڪو به بيان نه ڏنو، ڪنهن سطح تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، هاڻي پي ٽي آءِ پارليامينٽ پويان لڪڻ چاهي ٿي وزير اعظم هي اوهان جو فهلايل گند آھي اهو پاڻ صاف ڪيو يا گهر هليا وڃو.